ميساچوسيٽس (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شخص ٻن ڏهاڪن تائين ساڳيو نمبر استعمال ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار 1 ملين ڊالر جي لاٽري کٽي ورتي آهي. آمريڪي رياست ميساچوسٽس جي علائقي بليڪ اسٽون سان تعلق رکندڙ ٿامس اينسڪو لاٽري آفيسشلز کي ٻڌايو ته هن پنهنجي ميگا ملينز جي ٽڪيٽ لاءِ جيڪي نمبر استعمال ڪيا آهن اهو انهن کان تمام گهڻا واقف هئا. ٿامس اينسڪو چيو ته هو گذريل 20 سالن کان لاٽري ۾ ساڳين نمبرن سان قسمت آزمائي رهيو آهي. اهي انگ سندس جنم ڏينهن سان ملن ٿا. ٿامس پنهنجي گهر واري کي لاٽري هيڊ ڪوارٽر وٺي ويو، هن جي گهر واري 20 سال اڳ لاٽري کٽي چڪي هئي. لاٽري فاتح چيو ته هو پنهنجي ٻارن ۽ انهن جي ٻارن جي مدد لاءِ پئسا استعمال ڪندو.