بوليور (م ڊ) وينزويلا ۾ رياست بوليور جي جھنگ ۾ قائم بولا لوڪا نالي سون جي کاڻ ڊهي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. مقامي انتطاميا ٻڌايو آهي ته سون جي هي غير قانوني کاڻ هئي جنهن جي ڪِرڻ جو واقعو اڱاري جي ڏينهن پيش آيو هو کاڻ ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڪم ڪن ٿا.  اربع تائين 23 ڄڻن جا لاش ڪڍي اويا جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين کيبه ريسڪيو ڪيو ويو آهي، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.