ويل وقت کي ڳولهيان ٿو !

0
41
ويل وقت کي ڳولهيان ٿو !

 هيلوڪي سياري پڄاڻا جيئن ئي بهار آيو آھي ته ديس واسي ڄڻ ته ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿل آھن، ان جو خاص سبب سنڌ ۾ سوڪهڙو، پاڻي نه هجڻ ڪري آبادين جو نه ٿيڻ، جر جو پاڻي کارو ٿي وڃڻ ۽ مٿان وري سنڌو نديءَ مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ جو خوف آھي. جيتوڻيڪ سنڌو ندي مان وڌيڪ ڪئنالن ڪڍڻ خلاف سنڌ جا ماڻھو احتجاج ڪري رهيا آھن پر پوءِ به ڪئنالن تي ڪم جاري آھي. مون کي سنڌوءَ جي موجن ۽ سنڌ جي خوشحالي بابت يادن جي ڳهر  ورائي ٿي وڃي. ياد ٿو اچي، ننڍي هوندي بهار ڏينهڙا ايندا هئا ته ڏاڍو خوش ٿيندا هئاسين. اسان جي ڳوٺ جي اتر طرف انبن جا گهيلدار وڻ ھوندا هئا. پاسي کان واٽر وهندو هو. واٽر جي ڪناري کان مينديءَ جا ٻوٽا هوندا هئا. انبن جي وڻن کان اولھ طرف سريهل جو هڪ وڏو وڻ هوندو هو، جيڪو ڄڻ ته وڏي تنبوءَ جيان لڳندو هو. جڏھن بهار ۾ وڻ ٻور جهليندا هئا ته ٻور جي خوشبوءِ ميل کن تان پري کان ايندي هئي. پکي ٻنپهرن جو وڻن ۾ اچي ويهندا هئا. اسان ٻارڙا وڻن تي ڏاڪ راند کيڏندا هئاسين ته پکي ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويندا هئا. اسان ڪڏھن ڪڏھن وهندڙ شاخ ۾ وهنجندا هئاسين، وهنجي وهنجي اکيون ڳاڙھيون ڪري وجهندا هئاسين. ٽٻين ۾ هڪ ٻئي کي چهنڊڙيون پائيندا هئاسين ته ٽٻي ۾ ويل ٻار يڪدم ٽٻي مان ٻاهر نڪري ايندو هو.

باغ کان ٿوري ئي مفاصلي تي گس هوندو هو. ان گس تان لڙئي ٻپهري جو، عالي بيلدار  ڪبير جو هي ڪلام: “رحمن ڌاڳا پريم ڪا، جن توڙو چٽڪاءِ جاءِ، ٽوٽي سي جڙي نهين، بيچ گانٺ پڙجاءِ”….

(پريم جو ڌاڳو چپٽين سان ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪر. اهو ڌاڳو جيڪڏھن ڇني ڳنڍيو ويو ته وچ ۾ ڳنڍ رهجي ويندي). ڪلهي تي ڪهاڙي رکي جهونگاريندو موٽندو هو. عالي کاري سم نالي تي بيلدار هو، جا سم نالي اتر کان ور وڪڙ کائيندي توڳياڻي وٽان ٿيندي وڃي ڪاري گونگڙي ۾ پوندي هئي.

اسان عالي کي تڏھن ڏٺو هو، جڏھن هو وهيءَ تان مڙي چڪو هو. هو روز سم نالي تي ڊيوٽي ڏيئي موٽندو هو. ان وقت صوفي راڳ ڳائڻ جو عروج هو. عالي اهو ڪلام شايد ان وقت جي ڪنهن راڳيءَ کان ٻڌي ياد ڪيو هو. عالي جو آواز ڪن تي پوندو هو ته اسان ٻارڙا باغ ڇڏي گهر ڀڄندا هئاسين. بهارن جا ڏينهن ڪڏھن ايندا هئا ۽ ڪڏھن ويندا هليا هئا، خبر ئي ڪانه پوندي هئي. وڏڙن جو ڪم هوندو هو ڀنڀرڪي ويل ڍڳن جي جوڙي سان ٻنيءَ تي وڃي هر هلائڻ، ٻپهري جو گهر موٽي اچڻ، لسيءَ سان ٻه گرهه ماني جا کائي، کوهن تان پاڻي ڀري مال کي پيارڻ. ان کان پوءِ لانڍي نما اوطاقن ۾ ڳوٺاڻن يا آيل مهمانن سان گڏ حال احوال اورڻ. مهمانن جي غير موجودگي ۾ ٻه گهڙيون اک ڪوسي ڪرڻ ۽ پوءِ ٻيهر پڪي وچين ڌاري ڪوڏر سان ٻنيءَ تي هليو وڃڻ. مون کي ياد آيو، اسان جي لانڍي واري اوطاق جي اڳيان وڏو ٻٻر جو وڻ ھوندو هو. جڏھن گرمي تيز ٿيندي هئي ته کٽون اوطاق جي اڳيان بيٺل وڻ جي هيٺان رکيون وينديون هيون. هڪ ڏينهن عبدالله خان چانڊيو جيڪو خيرپور ناٿن شاهه جو هو، ٿورو ئي وقت لڏي اچي اسان جي ڳوٺ کان پنج ڪوهه ڏکڻ ۾ ويٺو هو. چاچي حمل خان جو يار هو. کٽ تي وڇايل رليءَ تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هو. حقو پي رهيو هو، مٿان وڻ ۾ پکي چه چه ڪري رهيا هئا. هيٺ حقي جي گڙ گڙ جو آواز اچي رهيو هو. حمل خان کيسي مان ناس جي دٻلي ڪڍي ڳاڙھي ناس جو چپٽو چپ هيٺ ڏيئي ڇڏيو ۽ پوءِ وات مان ناس ڪڍي گرڙي ڪئي، ۽ هيٺ زمين ڳاڙھي ٿي وئي. حمل خان بچو کي چيو: “بچو!….”

بچوءَ جواب ڏنو: “هون”.

“هاڻي مينهون ڪاهي وڃ مکڻ ٻيلي. وچين لڙئي ويئي آھي.” بچو خاموش رهيو.

حمل خان وري چيو، “اڙي چريا ڪونه ٻڌئي ڇا؟”

بچو وري به خاموش رهيو. عبدالله خان حقي کي زوردار ڦوڪ ڏيئي نڪ مان آھستي آھستي دونهن ڪڍيو ته آس پاس وارو ماحول دونهن وارو ٿي ويوک بچو ان دونهن کي ڏسي ڄڻ سوچيندو رهيو. ماڻھوءَ جو اندر به دونهن کي قبول نٿو ڪري.

“بچو! ڪو نه ٿو ٻڌين؟” حمل خان جي آخري هڪل تي بچو منهن ڦٽائي اٿي ٻاهر وڃڻ لڳو.

“يار حمل خان، ڇوڪرن کي ايڏو ڇنڀيندو نه ڪر.” عبدالله خان چيو. “عبدالله خان، اڃان تيز گرمي شروع نه ٿي آھي. بهار جا ڏينهن آھن. ٿڪ ڀڳو وري ٻني ٻاري ۽ مال ڍور جي اٿي ڪجي. هي نوجوان جتي ويهن ٿا، ڪم جون ڳالهيون سڀ وساري ٿا ڇڏين.” حمل خان  عبدالله خان  جي ڳالھ جي جواب ۾ چيو. بچو سادو سودو  ٻھراڙي جو ماڻھو هو. هن کي جيڪڏھن ڪو آرٽسٽ ڏسي ها ته هن جون اهي تصويرون ڇڪي ها، جڏھن هو مينهيون چاريندي لٺ کي ٺيڪ ڏيئي بيهندو هو. هن زندگيءَ ۾ شادي نه ڪئي. هن زندگي جي مليل سزا آخر تائين مال چاريندي ڪاٽي ۽ کيس هڪ ڏينهن بخار آيو ۽ ھو گذاري ويو.

آئون ماضيءَ جي رڻ پٽ ۾ ڀٽڪي هن دور ڏانهن موٽان ٿو. هن وقت ماڻھو ڪيڏو نه اڳيان نڪتو آھي، پر پوءِ به هر ڪو آئنده جي پريشانين ۾ مبتلا ٿي ڊاڪٽرن حوالي ٿيل آھي. ان جا ڀل ته ٻيا ڪيترائي سبب هجن، پر پهريون سبب روزگار جي تنگي، پاڻي جي مسلسل کوٽ، فصلن جي اڻھوند ۽ انساني ضرورتن جو وڌڻ آھي. اڳي پاڻي جي ايتري کوٽ نه هوندي هئي، پر جڏھن کان پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ سنڌو ندي ۽ ٻين دريائن جو پاڻي جي حصيداري جو معاهدو 1960ع ۾ ٿيو، جنهن کي سنڌ طاس معاهدو Indus Water Treaty  سڏجي ٿو، جنهن ۾ ٽي اوڀر وارا درياءَ، راوي، ستلج ۽ بياس ھندستان کي ڏنا ويا ۽ اولهه وارا درياءَ سنڌو، جهلم ۽ چناب  پاڪستان جي حصي ۾ آيا. انڊيا جي وزيراعظم حواهر لال نهرو ۽ پاڪستان جي صدر ايوب خان ان معاهدي تي عالمي بئنڪ جي نمائندي جي سامهون ڪراچي ۾ صحيون ڪيون. پاڪستان کان راوي، ستلج ۽ بياس جو پاڻي 33 ملين ايڪڙ فوٽ هندستان جي استعمال ۾ ويو هليو، جڏھن ته سنڌو، جهلم  ۽ چناب جو پاڻي 137 ملين فوٽ ايڪڙ پاڻي پاڪستان وٽ رهيو، جيڪو پاڪستان لاءِ ناڪافي رهيو آھي. سنڌ طاس معاهدي تي صحي ڪندڙ ان وقت جي پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان سندس ڪتاب  friends not masters  ۾ لکيو ته، “مون سوچيو ته جيڪڏھن ڀارت سان ڳالهيون اڌ ۾ رهجي ويون ته ڀارت دريائن جو رخ موڙڻ جو فيصلو ڪندو، جنهن سان جنگ اڻٽر ٿي ويندي. ان وقت حالتون اسان جي حق ۾ نه هيون، ان ڪري ڀارت سان پاڻي جو معاهدو ڪرڻو پيو”. هن وقت جڏھن سنڌ ۾ پاڻي جي قلت آھي، ان وقت سنڌو درياءَ مان نوان ڇھ ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، جنهن تي سنڌي ماڻھن جو شديد ردعمل سامهون آيو آھي. وقت ڪيترو نه بدلجي ويو آھي! نه باغ، نه بلبلون ۽ نه ئي بچو، عبدالله خان ۽ حمل خان رهيا. هاڻوڪا بهار به خزان جهڙا  لڳي رهيا آھن. وڻ سڪي ويا، ٻور ڇڻي ويو، پکي اڏامي ويا. ويل وقت ڳولهيان ٿو! وڻ، پکي ۽ هڪجيڏا ڪاڏي ويا؟ اڄ به ڪاري راتڙي آھي. الائي اوٺي ۽ توڏا ڪاڏي ويا؟