اسان جي تر پاسي اتر پار ڏي ھڪ لوڪ ڪھاڻي (ڀوري ڪارو) جي پيار جي ھاڪ آھي. ڀوري ۽ ڪارو ڪا مينھن يا ھاٿي نه ھئا پر ٻئي ماڻھو ھئا. اوھان پڇندا مڃيون سين ته ڪارو ماڻھو ھو پر ڀوري ماڻھو ڪيئن ھئي، اھا ته مائي ھوندي. ٻن ماڻھن جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي …… اجايو اعتراض اٿاري منھنجي لکڻي رنڊائي وڌوء. مان پڇان ٿو ته ڇا مائي ماڻھو ناھي؟ ان تي ھڪڙو ھمراھ مون سان اٽڪي پيو ته نه، مائي ماڻھو ناھي. چيو مانس: چريا پوءِ شادي مرادي يا موتي فوتي تي بورچي ڇو پڇندو آھي ته گھڻن ماڻھن جي ماني تيار ڪريان؟ ڇو ناھي چوندو ته گھڻن ماڻھن ۽ مائين جي ماني تيار ڪريان؟ ھو ھٺ تان نه هٽيو ۽ حيرت ٿيس ته سنڌ پيرس ته ناھي جو ٻه مرد پاڻ ۾ ٽرڙو عشق ڪن! کولي سمجھايو مانس ته ڀائو! ماڻھو معنيٰ انسان، سو ٻن مختلف جنسن جي انسانن (مونث-مذڪر) جو پاڻ ۾ پيچ پئجي سگھي ٿو، جيئن سھڻي ميھار جو پيو ھو. ماڻھوءَ مان ٿيو ماڻھپو. مطلب انسانيت ۽ انسانيت ۾ جنس جو سوال ئي نٿو اٿي.
خير.. ٻنھي جي عشق واري شر جي شروعات ڪوٺن يعني گھر جي ڇتين تان ٿي. ٻنھي جي ڀت ڀت سان نه ھئي، سندن گھرن وچ ۾ اٺن فوٽن جي وٿي ھئي. ھڪ ڏينھن ڀوري ڇت تي ڪپڙا سڪائڻ لاءِ رسين تي پئي وڌا ۽ ڪاري ڇت تي لغڙ پئي اڏاريو ته کيس ڏسي دل ڏئي ويٺو. ھن اٽڪل ڪري لغڙ لاھي ڀوري جي ڪوٺي تي ڪيرايو. ڀوري پلويڙي تان ڪاري کي چيو ته ڇورا شرم ڪر، نياڻيءَ کي ٿو ڇيڙين. ڪارو ڪڇيو ئي ڪين، ڇو جو جيءُ جوڙڻ لاءِ سمورا جوکم ته کڻبا آھن. سو پوءِ دل ٻڌي چيائينس، آئون به ته نياڻيءَ جو ٻار آھيان. منھنجي امڙ به ته ڪنھن جي نياڻي آھي. توکي ڏٺم، وڻي وئينءَ پر تو نھاريو ئي نه ته ڌيان ڇڪائڻ لاءِ تو مٿان لغڙ لاٿم. چيائين سڀ سمجھان ٿي شڪاري، ٻين جون ڌيئرون ڏٽا سٽا ڏئي ويجھو آڻي پوءِ اڌ پنڌ ۾ ڇڏي ويندا آھيو. اڄ لغڙ لاٿو اٿئي، سڀاڻي چنڊ جو چوندين ته تو لاءِ لاھي ٿو اچان. سو چيائينس مان ڀوري بطخ، تون ڪارو ڪانءُ، سڀاڻي دونھون بڻجي اڏامي وڃي ته آئون باھ جيان پئي جلان….. ڀوري اڇي اَنگريزياڻِي ڄڻ ماچيس جي تيلي ۽ ڪارو اھڙو سانورو ھجي ڄڻ آفريڪي شيدي (جيئن پڪي پھرين ۾ پڙھائيبو ھو، ھي تيلي آھي، ھي شيدي آھي) ڪاري چيس جي ايئن ڪريان ته ڪھرائي ڇڏجانءِ. ڀوري وراڻيو منھنجو بابو ڪاسائي ناھي، نه ڀاءُ ڊاڪٽر آھي، جو اھڙو قھر ڪن. پوءِ ھو ھيٺ ھلي وئي، ڪارو به انھيءَ جٺ تي موھنجو ٿي مانجھي جو ڍيرو ويڙھيندي ھٿ وڍي ويٺو ۽ ھيٺ گھر ھليو ويو.
وري ھڪ ڀيري ڪاري ڪوٺي تان ڀوريءَ کي ڏٺو، جنھن رلي پئي سبي. ڀوريءَ پڇيس: ڇاھي شڪل بڇڙا؟ چيائينس دل وارن جو درشن پيو ڪريان. ھن چيس اصل شيشا پئي ڀڃان جو ماريا مرين پيو. ڪاري چيو ڪھڙي به ھج، توکي ڪوئي منھنجي اک سان ڏسي. مرڪي پڇيائينس، لڳين ته نرڄو ڄٽ ٿو يا چار اکر پڙھيا به اٿئي؟ چيائين نائون درجو ناپاس آھيان. ڀوريءَ چيو مان ته ميٽرڪ پاس آھيان. ڪاري وراڻيو رڳو نا-سال جو ته فرق آھي، غريب گھراڻن جا آھيون، اچ ته ملي ھڪ ٿي وڃون. چيائينس، آئون ننڍي نيٽي آھيان، ساماڻي به ناھيان. ڪاري چيو: اجھو اچي پھتي آھين، مان وري ڪھڙو پڪو پھڙو آھيان. اڃان ڏاڙھي به نه نڪتي اٿم. تون ھيڪلي، آئون به ڇڙو ڇانڊ، ھڪ ٻي جو اڀل آسرو بڻبا سون ته بھاري ٿي پوندي. گھر وارن نه گھريو ته پيار جو پرڻو ڪبو. ڀوريءَ پڇيو اھو وري ڇاھي؟ ڪاري چيس: ٻئي وات وڪيل آھيون، ڪورٽ تي چڙھي شادي ڪبي. ڀوريءَ چيو: مان ته ڪورٽ جون ڀتيون نه ٽپي سگھنديس. ڪاري چيو: چري عدالت ھلي جج صاحب سامھون نڪاح ڪنداسون. پريس وارا ايندا، تصويرون ۽ خبرون ڇپبيون، مشھوري ٿيندي. ڀوريءَ ڀڻڪيو: ابي جي بدنامي ٿيندي. ڪارو ڪڇيو ڪجھ نه ٿيندو، ٻاھر نه ڀڄبو، اتي ئي ھجبو، پڻھين کي پيرين پئي پرچائيبو. تون دليون نه ھڻ. ڪلھ ھڪ ڪاموري پئي ٻڌايو ته ھن مھيني ۾ سڄي جھان جا پريمي جوڙا پيار جو ڏھاڙو (ويلنٽائن ڊي) ملهائيندا آھن. اھا مھل من اسان لاءِ به سڀاڳي ثابت ٿي. ڀوري نڪ چاڙھيندي چيو نڀاڳا ويل ۾ وجھندين ڇا؟ ڪاري چيس نٽائڻ ڇڏ، تون مڃي وٺ مھربان، مان ته منٿ ٿو ڪريان. ھاڻي ناھي ويل ويھڻ جي، وارو ڪر ويل نه وڃائي. ڀوري مسڪرائيندي چيس چڱو ڀلا تنهنجو پيءُ وڃي منھنجي پيءُ سان ڳالھائي. ڪاري جون واڇون ڇڪجي وڃي ڪنن سان لڳيون. اھي احوال اوري ٻئي ھيٺ لھي ويا. پوءِ ته پريم پترن جي ڀرمار ھجي.
ٻنھي جا پيئر پاڻ ۾ مليا، ھائوڪار ٿي، جنھن تي ڀوري ۽ ڪارو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيا. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ڇوڪرو مزدور آھي، ترقي ڪري مستري ٿيندو. ڀوري تي پوتي وجھي ڳالھ پڪي ڪري پڌري ڪئي وئي. مڱڻي بعد پرڻو ٿيو. دھل وڳو، دوسو نچيو، ڀلو ڀت به ٿيو. پيار جا پيچ پختا رھيا. ڪاري گاجي شاھ جي ميلي تان ڀوري لاءِ سوکڙيون پاکڙيون آنديون. پر پوءِ ھوريان ھوريان بلٽ ڍلا ٿيندا ويا. ٿوري گھڻي ڳالھ تي ڊيگھ پٽاڙ. ھر ھر وڏڙن وچ ۾ پئي نبيرو ڪرايو، پر وري ساڳيو پٽڪو ڪٽڪو. ھٿ اڀا ٿيا، ويلڻ لڳا. ٻار به ٿين پوءِ به رٺل. پڇتايائون ته تڪڙ ڪئي سون. ھڪ رات پرچو ته ٻي ڏينھن ڏند چڪ. ذري گھٽ معاملو وڃي طلاق تائين پھتو. ڀوريءَ کي ساھيڙين ۽ ڪاري کي دوستن سمجھايو، ٻنھي ڌرين جا چڱا مڙس گڏ ٿيا. جيڪي شرط شروط شادي وقت لکڻا ھئا سي ھاڻي رکيا ويا. سياڻن سمجھائين ته ڇو ٿا سڀ کي ويل ۾ وجھو. پٽڪو نٽائڻ (ٽارڻ) سکو، کاري منجھ ٻه ٺلھا ٺڪر ٺھڪندا آھن پر ڪروڌ ڪري ڀريا مٽ ڇو ٿا سڪايو؟ ان بعد آھستي آھستي ٻنھي جي سوچ سڌري. ڪارو مستري ٿيو. ڀوريءَ کي ماستري ملي، گذر سفر سٺو ٿيڻ لڳو. اٽي لٽي ۾ برڪت پئي. اجھي جو ماحول ڀلو ٿيو. پراڻو پيار ٻيھر پرڪشش ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ باقي حياتي ٻنھي سک سانت سان گذاري.
ھن قصي منجھان سبق ٿو ملي ته شادي اھا پائيدار آھي جنھن ۾ نه رڳو نوجوان نارين ۽ نرن جو پريم شامل ھجي پر ان لاءِ کين خاندان جي رضا خوشي به حاصل ھجي. اڄوڪي ڪالم جو پيغام اھو آھي ته نئين ٽھي جوش ۾ اچي ھوش نه وڃائي ويھي. هم خيال ۽ مثالي جيون ساٿي ڳولي لھڻ ھڪ لمحي جو سوال ناھي پر زندگي ڀر جي ڳالھ آھي. سو پنھنجي پسند سان گڏ گھر ڀاتين جي سند پڻ ساڻ ھوندي ته ڌاگا نه وچڙبا. منجھيل سٽ جي ويڙھي به سلجھي پوندي.