ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس کي ويلنٽائن ڊي تي محبت ڀريو خط ۽ قيمتي تحفو مليو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 200 ڪروڙ جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سڪيش چندر شيکر، جيڪو ماضيءَ ۾ جيڪولين سان مبينا لاڳاپن ۾ رهيو، کيس ويلنٽائن ڊي تي خط سان گڏ هڪ شاندار تحفو اُماڻيو. چندر شيکر، جيڪو 2015ع کان جيل ۾ آهي، اڪثر جيڪولين ڏانهن خط لکندو آهي، پر هن دفعي ويلنٽائن ڊي تي هن اداڪارا کي قيمتي نجي جهاز تحفي ۾ ڏنو. رپورٽن موجب، سڪيش جيڪولين کي لکيو“مان توسان تمام گهڻي محبت ڪيان ٿو، تو ڄاڻين ٿي ته اسان لاءِ ويلنٽائن ڊي ڪيترو خاص آهي، ڇو ته ان ڏينهن اسان هڪٻئي کي مڪمل طور قبول ۽ معاف ڪيو هو.“ سڪيش خط ۾ ٻڌايو ته جهاز جو رجسٽريشن نمبر جيڪولين جي پيدائش جي تاريخ مطابق رکيو ويو آهي. هن اهو به لکيو ته هو هي تحفو پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز ۾ ظاهر ڪندو.