دبئي (اسپورٽس نيوز): آءِ سي سي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڊيون ٿامس کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ معطل ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڊيون ٿامس مٿان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي 7 ڀڃڪڙين جو الزام آهي. ٿامس تي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ست ڀڃڪڙين جو الزام آهي/تصوير ايِ ايس پي اين ڪرڪ انفو جي ٿورن سان ڊيون ٿامس ويسٽ انڊيز طرفان واحد ٽيسٽ ميچ ڊسمبر ٻه هزار ٻاويهه ۾ ايڊيليڊ ۾ آسٽريليا خلاف کيڏي هئي، هو 21 ون ڊي ۽ 12 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. اطلاعن موجب ڊيون ٿامس مٿان الزام آهي ته هن لنڪا پريميئر ليگ، ابوظهبي ٽي ٽين ليگ ۽ ڪيربيئن پريميئر ليگ ۾ مبينا طور ميچ فڪسنگ ڪئي، کيس پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 14 ڏنهن جو وقت ڏنو ويو آهي.