دبئي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف ايندڙ ون ڊي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شائي هوپ ٽيم جي اڳواڻي ڪندو جڏهن ته فاسٽ بالر شامر جوزف ۽ ميٿيو فورڊ زخمي ٿيڻ کان پوءِ ٽيم ۾ واپس آيا آهن. وجوان بيٽسمين عامر جنگو، جنهن بنگلاديش خلاف پنهنجي ڊيبيو تي 79 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيم جو حصو آهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جيول اينڊريو به ٽيم ۾ واپس آيو آهي. شمرون هيٽمائر، جيڪو انڊين پريميئر ليگ ۾ مصروف آهي، کي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو. آئرلينڊ خلاف ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز 21 مئي تي ڊبلن جي ڪلونٽارف ڪرڪيٽ ڪلب ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته انگلينڊ خلاف سيريز 29 مئي کان ايجبسٽن ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز هن وقت آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي آهي ۽ 2027 ورلڊ ڪپ لاءِ خودڪار قابليت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. شائي هوپ (ڪپتان)، جيول اينڊريو، ڪڪي ڪارٽي، روسٽن چيس، ميٿيو فورڊ، جسٽن گريوز، امير جينگو، الزاري جوزف، شمر جوزف، برينڊن ڪنگ، ايوان ليوس، گوداڪيش موتي، شيرفين ردرفورڊ، جيڊن سيلز، روماريو شيفرڊ شامل آهن.