لاهور (شوبز نيوز) اڀرندڙ اداڪارا نعيما بٽ انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي ڀارت مان ڪيترن ئي پراجيڪٽن جون آڇون ڪيون ويون پر ويزا پابندين سبب ڪم نه ڪري سگهيس. پنهنجي تازي گفتگو ۾ نعيمه بٽ چيو ته ماضي ۾ مون کي بالي ووڊ مان ڊرامن، فلمن ۽ ويب سيريز ۾ ڪم ڪرڻ جون آڇون ٿيون پر مان ڀارت طرفان پاڪستاني فنڪارن تي پابندي سبب اهي آڇون قبول نه ڪري سگهيس. هن چيو ته منهنجو پاسپورٽ پاڪستاني آهي ۽ ان تي واضح آهي ته منهنجي اتي آجيان نٿي ڪري سگهجي پر اميد رکان ٿي ته حالتون بهتر ٿينديون ۽ ٻنهي ملڪن جا فنڪار گڏ ڪم ڪري سگهندا.