وير ميرا گهوڙي چڙهيا ……..

0
89
وير ميرا گهوڙي چڙهيا ........

پنجابيءَ ۾ شادي وهانءَ جو هڪ گيت آهي:

ديسان دا راجا، ميري بابل دا پيارا

امبڙي دي دل دا سهارا

ني وير ميرا گهوڙي چڙهيا ……..

  پنجاب جي ڳوٺن ۾ اڃان تائين به اها راند عام آهي ته، هڪ ٻار ڪنهن باٺي يا ڪاٺيءَ جو ٽڪرو لانگن جي وچ ۾ ڏيئي گهوڙي تي چڙهڻ جو سانگ ڪندو آهي ۽ ٻيا ٻارڙا توڙي ٻارڙيون مٿي ڄاڻايل گيت جهونگاريندا/ڳائيندا تاڙيون وڄائيندا ان جي پٺيان هلندا آهن. گهوڙي چڙهي گهوٽ ٿيڻ وارو اهو “مفروضو” ان انداز سان اسان جي ملڪي سياست ۾ به عام آهي. هتي سياستدانن کي انجنيئرڊ اليڪشن کانپوءِ اقتدار ته ڏنو ويندو آهي پر اختيار ناهي ڏنو ويندو. اقتدار جي گهوڙي تي پٺيان گهوٽ سان گڏ ڪو ٻيو ويٺل هوندو آهي ۽ گهوڙي جو لغام ان شخص جي هٿن ۾ هوندو آهي. ان جي پويان گيت ۽ نعرا هوندا آهن. مطلب ته اهو ئي باٺو لانگن ۾: “وير ميرا گهوڙي چڙهيا…..”

                 اسان جي ملڪي تاريخ ۾ ڪالهه وري هڪ ٻيو “وير” گهوڙي چڙهڻ لاءِ پهچي چڪو آهي. اسلام آباد کان ان جي ڄڃ لاهور جي مينار پاڪستان تي جلسي گاهه ۾ پهتي. ان صحافي عرفان صديقيءَ جي نقطن تي ٻڌل تقرير ڪئي. لاهور ۾ “ميان دي نعري وجن گي” وارا منظر نظر آيا ۽ اهي نعرا به ٻڌڻ ۾ آيا ته، “ديکو ديکو ڪون آيا- شير آيا، شير آيا”. هاڻي اهو حقيقي معنيٰ ۾ شير آهي يا وري هنٽر تي هلائڻ لاءِ کيس گهرايو ويو آهي، اها ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي. وطن موٽڻ کان اڳ ميان نواز شريف جون ملاقاتون پهرين سعودي عرب ۾ اتي جي بااختيارن سان ٿيون ۽ پوءِ دبئي ۾ به اماراتي شخصيتن سان اهم ملاقاتون ٿيون آهن. ڪي تجزيه نگار ان راءِ جا آهن ته امارتي شخصيتن سان ٿيل ملاقاتن ۾ يو اَي اِي طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، خطي ۾ (ڀارت سميت) واپار بابت ڳالهيون ٿيون آهن. ان کانسواءِ ميان نواز شريف سان بحريا ٽائون واري ملڪ رياض پڻ ملاقات ڪئي آهي. ان ملاقات بابت پڻ تجزيه نگار مختلف اندازا لڳائي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ملڪ رياض جيئن ته هن وقت وڏي مشڪل ۾ آهي، سپريم ڪورٽ به کيس سوڙهو ڪيو آهي، ٻيو ته ان نواز شريف جي پٽ حسين نواز کان لنڊن ۾ جائيداد خريد ڪئي هئي، جنهن معاملي تي پڻ ان جي گرفت ٿيڻي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ميان نواز شريف سان ملاقات ۾ اهي معاملا بحث هيٺ آيا هجن پر ڪي تجزيه نگار وري ان راءِ جا آهن ته ممڪن آهي ته ملڪ رياض ميان نواز شريف لاءِ آصف علي زرداري جو ڪو نياپو کڻي آيو هجي، ڇو ته ملڪ رياض آصف علي زرداري جي گهڻو ويجهو سمجهيو وڃي ٿو. هڪ ڪلاڪ تائين هلندڙ ان ملاقات ۾ ڇا ٿيو، اهي ڳالهيون اڃان پڌريون ٿيڻيون آهن.

اسٽيبلشمينٽ هميشه سياستدانن کي مهرا بڻائي هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪيو آهي ۽ انهن جي اختلافن مان فائدو حاصل ڪيو آهي. شيخ مجيب الرحمان جي رستي روڪ ڪرڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي کي ميدان تي آندو ويو. ان بعد پ پ پ جي رستي روڪ ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف کي سياست جي انڪيوبيٽر مان ڪڍي پڙ ۾ پهچايو ويو ۽ جڏهن ان چوزي وڌي ويجهي، مچي مواڙ ٿي کڙهون هڻڻ شروع ڪيون ته ان کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ عمران خان کي آندو ويو ۽ عمران خان پراجيڪٽ جي ناڪامي جڏهن ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا، هڪ ائٽمي قوت ملڪ کي ڪشتو کڻائي ڇڏيو ته هن ملڪ جي مقتدر ڌرين کي ڀنواٽيون اچڻ لڳيون ۽ محسوس اهو ٿي رهيو ته انهن نئين گهوڙي تي داءُ لڳائڻ بدران ميان نواز شريف کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مقتدر ڌرين هن ملڪ ۾ سياست، اليڪشن ۽ جمهوريت کي مسخري بڻائي ڇڏيو آهي. اهي ملڪ، رياست ۽ سياست مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن. ان ۾ سياستدانن جو پڻ ڏوهه آهي، انهن کي ڪيترائي ڀيرا موقعا مليا، اهي پارليامينٽ جي مالڪيءَ جو حق وٺي انهن کي سندن حدن ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪري سگهيا ٿي. اهڙو هڪ وڏو موقعو ذوالفقار علي ڀٽي کي پڻ مليو هو. ان وقت ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو هو، بنگلاديش ٺهي چڪو هو، ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي رهيل باقي اڌ کي بچايو ۽ دنيا ۾ ملڪ جي ساک بحال ڪئي پر ذوالفقار علي ڀٽي سياست ۾ عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت محدود ڪرڻ وارو موقعو وڃائي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽي کي به عدالت ذريعي قتل ڪرايو ويو.

ملڪي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته جڏهن گورنر جنرل غلام محمد قومي اسيمبلي ٽوڙي ته سڄي ملڪ مان ان کي واڌائين جا پيغام اچڻ لڳا ۽ سندس ان قدم کي ساراهيو ويو. اخبارن ان جي غير آئيني، غير جمهوري ۽ غير قانوني قدم جي دفاع ۾ ايڊيٽوريل لکيا هئا ۽ جڏهن جنرل ايوب خان آئين منسوخ ڪيو ته نه صرف سياسي ليڊرن پر محترمه فاطمه جناح به ان جي غير آئيني قدمن کي ساراهيو هو. ملڪ جي سموري سياسي قيادت خاموش ويٺل هئي. ملڪ غلام محمد جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل کي برقعو پائي عدالت وڃي چئلينج ڪندڙ مولوي تميز الدين جنرل ايوب جي جوڙيل غير جماعتي اسيمبلي جو اسپيڪر بڻجي ويو. ان کانپوءِ جڏهن ايوب خان کي جنرل يحييٰ ۽ ان جي ساٿي جنرلن جڏهن اقتدار کان ڌار ڪري آئين منسوخ ڪيو ته ڪنهن به سياسي جماعت سندس ان قدم جي عوامي سطح تي مخالفت نه ڪئي. ايتري قدر جو جنرل يحييٰ جي ان قدم کي عدالت ۾ به چئلينج نه ڪيو ويو. اهو ڪم به هڪ سياسي ڪارڪن ملڪ غلام جيلاني (عاصمه جهانگير جو والد) ڪيو هو. جڏهن 1977ع ۾ جنرل ضياءُ مارشلا لاڳو ڪيو ته صرف ٻن مهينن کانپوءِ پارٽي جي اهم ليڊرن مولانا ڪوثر نيازي، ڪمال اظفر ۽ ڀٽو ڪابينا جي وزير محنت راڻا حنيف پروگريسو پيپلز پارٽي جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهي. جنرل ضياءُ جو چيف آف اسٽاف جنرل ڪي ايم عارف تحرير ڪري ٿو ته 1980ع ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي وزير اعظم بڻجڻ لاءِ راضي ٿي ويو هو پر هن عمري کان واپسيءَ تي لنڊن ۾ غلام مصطفيٰ کر سان ملاقات ڪئي، جنهن جي ڪري جنرل ضياءُ کيس اهو عهدو نه ڏنو ۽ پوءِ جتوئي پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهي ۽ جمهوريت خلاف سازش ڪندڙ اسلامي جمهوري اتحاد جي پليٽ فارم تان نارووال مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊايو ويو، جنهن کانپوءِ هو نگران وزير اعظم پڻ ٿيو. پيپلز پارٽي جي باني رڪن حنيف رامي مساوات پارٽي ٺاهي ۽ قومي اتحاد جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو هو. ملڪ معراج خالد پنجاب جي وڏ وزارت، وفاقي وزير، اسپيڪر قومي اسيمبلي جهڙن اهم عهدن تي رهيو پر جڏهن ان تي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ وڌيو ته بينظير کي اقتدار مان ڪڍڻ کانپوءِ نگران وزير اعظم بڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اهڙو ئي ورتاءُ جنرل مشرف جي اچڻ کانپوءِ نواز ليگ سان ڪيو ويو. سموري نواز ليگ ‘ق’ ليگ جي جهولي ۾ وڌي وئي. ان کانپوءِ هن وقت عمران خان سان به ايئن پيو ٿئي. هڪ پاسي استحڪام پاڪستان پارٽي جوڙائي وئي آهي ته ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف (پارلياماني) لاءِ پڻ راهه هموار ڪئي پئي وڃي.

ميان نواز شريف جي سامهون اسٽيبلشمينٽ جي ويساهه گهاتين جي تاريخ به آهي. هو مختلف وقتن تي اسٽيبلشمينٽ هٿان استعمال به ٿيندو رهيو آهي، اها ڳالهه به هاڻي ڪنهن کان به لڪل ناهي. هن وقت سڄي راند نواز شريف جي هٿ ۾ آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هو برف جو بت بڻجي موٽيو آهي، جيڪو هلڪي سيڪ ۽ تپش تي ڳري ويندو يا وري عالمي اسٽيبلشمينٽ جي ضمانتن تي ڪي اختيار وٺي آيو آهي؟ هاڻي هن ملڪ جي اصل اختيار ڌڻين جو پڻ امتحان آهي ته ڏسجي ته اهي ملڪ جي معيشت کي بچائڻ ٿا چاهين يا وري ساڳي راند جاري رکڻ ٿا چاهين! اهو پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هاڻي ڪنهن غلطيءَ ۽ نئين تجربي جي گنجائش ناهي. اهو ته واضح نظر پيو اچي ته جڏهن ميان نواز شريف کي ڄڃ جي صورت ۾ آندو ويو آهي ته گهوٽ به اهو ئي ٿيندو، ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، پر جيڪڏهن پرڏيهي ۽ گهرو معاملن ۾ انهن ئي قوتن جي مداخلت رهي ته ميان نواز شريف ڪجهه به ڪري نه سگهندو. ميان نواز شريف جيڪڏهن اختيارن جي ضمانت وٺي آيو آهي ته پوءِ ته بهتر آهي، ٻي صورت ۾ مداخلت جي ساڳي حالت رهي، سياسي حڪومت کي بلوچستان ۽ افغانستان بابت فيصلن سميت اهم فيصلن کان روڪيو ويو ته پوءِ اقتدار وٺڻ نواز شريف لاءِ سياسي خودڪشي جي برابر هوندو. وري به جيڪڏهن همخيال ججن ۽ پالتو اينڪرز کي بڇيو ويو ۽ حڪومت هلڻ نه ڏني وئي ته اهو هن ملڪ سان وڏو ظلم هوندو. منهنجو خيال آهي ته ڪنهن به سياسي حڪومت کي رڳو پنجن سالن جي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته ملڪي معيشت سنئين دڳ تي اچي ويندي پر ملڪي تاريخ شايد آهي ته هتي سياستدانن کي اڍائي ٽن سالن کان وڌيڪ اقتدار نه ڏنو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اسٽيبلشمينٽ جي اها اهڙي غلطي هوندي، جنهن جو هنن حالتن ۾ ٻيو ڪوبه تدارڪ ممڪن نه آهي.