حيدرآبا: ويرو ڪولهي سماجي ڪمن سان گڏ سياست ۾ به حصو ورتو جنهن جي شروعات هن 2013ع دوران تعلقي ٻهراڙي جي صوبائي تڪ 50 تي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سامهون چونڊ وڙهي جنهن دوران هٿ کڻائڻ لاءِ کيس لکين رپين جي آڇ ڪئي وئي پر هن هٿ نه کنيو ۽ وڏيرن سان مهاڏو اٽڪايو. شرجيل انعام ميمڻ سامهون اليڪشن ۾ ويرو کي لڳ ڀڳ 15 هزار ووٽ مليا. ان کان علاوه 2018ع جي عام چونڊن ۾ ٽنڊوالهيار جي صوبائي تڪ تي هن ضياءَ عباس شاهه رضوي سامهون نامزدگي فارم ڀرايو هو. ويرو خلاف مختلف هنڌن تي زميندارن پاران ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرايا ويا هئا جنهن دوران کيس جيل جون سختيون به سهڻيون پيون. ويرو بيماري کانپوءِ آخري ڏينهن ۾ صفا لاچار بڻجي وئي هئي ۽ وٽس ڪو به انساني حقن جي علمبردار يا اين جي اوز جو اڳواڻ نه پهتو هو ۽ نه ئي وري سندس سهي نموني ڪنهن علاج ڪرايو جنهن ڪري هو بيماري سان جهيڙيندي نيٺ هميشه لاءِ موڪلائي وئي.