ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پاران ڏکڻ آفريڪا خلاف وائٽ بال سيريز نه کيڏندو،  پرڏيهي ميڊيا موجب ويرات ڪوهلي رڳو ٽيسٽ سيريز جو حصو هوندو، هن پنهنجي فيصلي بابت ڀارتي بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ويرات ڪوهلي بورڊ کان وائٽ بال سيريز تان بريڪ وٺڻ جون ڳالهيون ڪيون آهن، هو باڪسنگ ڊي کان سينچورين ۾ شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ جو حصو هوندو. واضح رهي ته ويرات ڪوهلي اڄڪلهه لنڊن ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي به موجودگيءَ بابت اڃا ڪجهه واضح نه آهي، هو به انگلينڊ ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي.