دبئي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني اسپنر ابرار احمد آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ ڀارت خلاف ميچ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي احساسن جو اظهار ڪيو. ابرار احمد انسٽاگرام تي پاڪ-ڀارت ميچ جي تصوير شيئر ڪندي ويرات ڪوهلي کي پنهنجي ”ٻالڪپڻ جو هيرو“ قرار ڏنو ۽ سندس شخصيت جي واکاڻ ڪئي. هن لکيو ته ”پنهنجي آئيڊل جي سامهون بالنگ ڪرڻ ۽ هن پاران ساراهڻ تي ٿورائتو آهيان، هو هڪ ڪرڪيٽر طور شاندار ۽ انسان طور نهٺائي سان ڀرپور آهي.“ ويرات ڪوهلي جا سڄي دنيا ۾ بيشمار مداح آهن، هن تازو پاڪستان خلاف دبئي ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪندي ڀارت کي 6 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ميچ دوران ويرات ڪوهلي، ابرار احمد کي شاندار بالنگ تي داد ڏيندي ساڻس هٿ ملايو هو،