ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي هڪ ٻيو اهم اعزاز ماڻي ورتو .ڀارتي بيٽر انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز رائل چئلينجر بئنگلورو جي نمائندگي ڪندي ممبئي انڊينز خلاف ميچ دوران ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 13 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، هو تيرنهن هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون ڀارتي بيٽر بڻجي ويو آهي. ڪوهليءَ کي اِهو ڪارنامو انجام ڏيڻ لاءِ 17 رنسون گهربل هيون جيڪي ٺاهي هن اِهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. اڳوڻي ڀارتي ڪپتان 403 هين ٽي ٽوئنٽي ميچ جي 386 هين اننگز ۾ 13 هزار رنسون مڪمل ڪري اڳوڻي ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽر ڪرس گيل کانپوءِ مختصر فارميٽ تيز ترين تيرنهن هزار رنسون ٺاهيندڙ ٻيو بيٽر بڻجي ويو آهي. ڪرس گيل پنهنجي 381 هين ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ 13 هزار رنسون ٺاهيون هيون.