دبئي (اسپورٽس نيوز) ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ جي دنيا اهڙو ستارو آهي، جنهن لاءِ مُلڪن جون سرحدون بي معنيٰ بڻجي وينديون آهن، ان جو مثال چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪ-ڀارت ميچ دوران ڏسڻ ۾ آيو، جتي پاڪستاني مداحن پنهنجي ٽيم خلاف به ڪوهلي جي سينچري جو جشن ملهايو. اسلام آباد ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ خاص اسڪريننگ ڪئي وئي، جتي جڏهن ويرات ڪوهلي وننگ شاٽ کيڏي سينچري مڪمل ڪئي ته پاڪستاني سپورٽرن کيس بيهي داد ڏنو. ويرات ڪوهلي کي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڪروڙين مداح پسند ڪن ٿا، سندس فارم تي شڪ ڪرڻ وارن لاءِ هي مقابلو هڪ جواب ثابت ٿيو. ان ميچ ۾ ڪوهلي پاڪستان خلاف شاندار بيٽنگ ڪندي 111 بالن تي 100 رنسون ٺاهيون، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ڀارت هن ميچ ۾ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.