بئنگلورو (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز رائل چئلينجرز بئنگلورو جي نمائندگي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ميگا ايونٽ دوران اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري نئين تاريخ لکي ورتي. ويرات ڪوهلي ٽورنامينٽ جي اٺن سيزن ۾ پنج سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پهرئين بيٽر هئڻ جو اعزاز ماڻيو، هن گذريل ڏينهن چنائي سپر ڪنگز خلاف رائل چئلينجرز بئنگلورو طرفان کيڏندي 33 بالن تي 62 رنسون ٺاهيون ۽ جاري سيزن ۾ اورنج ڪيپ (جيڪا ٽورنامينٽ جي ٽاپ اسڪورر کي ملندي آهي) تي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي.
واضح رهي ته ڪوهلي هينئر تائين 63 ڏهائي 13 جي ايوريج سان 505 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ڪوهلي کانپوءِ اڳوڻو آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 7 ڀيرا پنج سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز حاصل آهي.