ڪراچي( رپورٽ: شاهد ميراڻي ) اسٽيٽ بينڪ پاران ايندڙ 2 مهينن لاءِ وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مانيٽري پاليسي جي اجلاس ۾ معاشي صورتحال جو جائزو وٺي وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو اسٽيٽ بينڪ موجب مئي ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهي هئي، جڏهن ته آگسٽ 2023 ۾ اها شرح 27.4 سيڪڙو تي پهتي، مانٽيري پاليسي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ جي اجلاس کانپوءِ 4 شيون ڪاميٽي لاءِ ڌيان لائق رهيون، پهريون ته سيٽلائيٽ ڊيٽا زراعت جو منظرنامو پيش ڪري رهيو آهي، ٻيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون 90 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويون آهن، ٽيون ته جولاءِ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو چئن مهينن تائين مثبت رهڻ کانپوءِ درآمدات ۾ نرمي سبب 800 ملين ڊالر کان منفي ٿي ويو آهي. پاليسي بيان موجب مهانگائي جي صورتحال پرڏيهي ناڻي ذخيرن ۽ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري خراب ٿي، هاڻ کنيل انتظامي قدمن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. غيرقانوني سرگرمين خلاف آپريشن سان ڊالر جي انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ ۾ فرق کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. پاليسي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان جو سڄو ڌيان مهانگائي تي آهي، ضرورت موجب فيصلا ڪيا ويندا. پاليسي موجب موجوده وياجي شرح ايندڙ مالي سال جي آخر تائين مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ لاءِ مناسب آهي. واضح رهي ته پرڏيهي خابرو اداري ڪجهه مهينا اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پاڪستان ۾ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو کان وڌي 23 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي.