ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 12 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب ايندڙ ٻن مهينن تائين وياج جي شرح 12 سيڪڙو برقرار رهندي. اسٽيٽ بينڪ موجب فيبروري 2025ع ۾ مهانگائي اميدن کان گهٽ هئي، خوراڪ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. اسٽيٽ بينڪ موجب معاشي سرگرميون تيزي سان وڌي رهيون آهن، درآمدات ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اسٽيٽ بينڪ اختيارين موجب مالي سال 2025ع ۾ جي ڊي پي ۾ واڌ جي شرح 2.5 کان 3.5 سيڪڙو تائين برقرار رکي وئي آهي، جون تائين پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 13 ارب ڊالرن کان وڌي ويندا. اسٽيٽ بينڪ موجب ته خوراڪ ۽ توانائيءَ جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، اها آهستي آهستي 5 کان 7 سيڪڙو تي مستحڪم ٿيندي.