ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ پاران سڀاڻي ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو، ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سومر تي ڪراچي ۾ سڏايل مانيٽري پاليسي جي اجلاس ۾ معاشي اشارن جو جائزو ورتو ويندو، مانيٽري پاليسي ڪاميٽي وياج جي شرح ۾ تبديلي يا برقرار رکڻ بابت به فيصلو ڪندي. ان حوالي سان معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه ماهرن وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو به امڪان به ظاهر ڪيو آهي.