ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ايندڙ 2 مهينن لاءِ وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ اسٽيٽ بينڪ جي اختيارين پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هلندڙ مالي سال جي ٻئي ٽه ماهي (آڪٽوبر کان ڊسمبر) ۾ مهانگائي ۾ گھٽتائي جو سلسلو جاري رهندو. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته خريف جي فصلن جا ابتدائي اندازا حوصلا افزا آهن. جڏهن ته تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي خطرو هوندو. اسٽيٽ بينڪ موجب سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح 31.4 سيڪڙو رهي، تيل ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ لاٿ سبب مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. عالمي قيمتن ۾ اضافي ۽ گئس جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جا عارضي اثر شايد انفليشن جي منظرنامي لاءِ خطرن جو سبب بڻجن. اسٽيٽ بينڪ موجب پهرين ٽه ماهي دوران مالي ۽ بنيادي بيلنس ۾ بهتري آئي، اهم شين جي مارڪيٽ ۾ دستيابي بهتر ٿي، انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ جي مٽاسٽا جي شرح ۾ هم آهنگي پيدا ٿي، خريف جي فصلن جا ابتدائي ڪاٿا حوصلا افزا آهن، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران پرڏيهي فنانسنگ ۾ گهٽتائي سبب پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا مستحڪم رهيا، پهرين ٽه ماهي دوران بنيادي توازن ۾ بهتري آئي. اسٽيٽ بينڪ موجب 30 جون 2025ع تائين مهانگائي گهٽجي 5 کان 7 سيڪڙو رهجي ويندي