حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽن ڏينهن وارو ڏهون اياز ميلو علمي، ادبي ۽ سياسي بحثن، شاعري، راڳ، رقص ۽ ساز جي سرن جا رنگ وکيري پڄاڻي تي پهتو. سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٿيل اياز ميلي ۾ سنڌ جي مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر شيخ اياز کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اياز ميلي ۾ ”جمهوريت جو بحران، سياسي ۽ شهري حقن جي صورتحال“ جي موضوع تي ٿيل ويهڪ ۾ ڳالهائيندي نامياري صحافي وسعت الله خان چيو ته هتي ووٽ ڏيڻ به نصيب نٿو ٿئي. ان وچ ۾ فارم 47 يا 45 اچي وڃي ٿو. ملڪ کي هوٽل جيان هلايو پيو وڃي. ڪڏهن ڪنهن هڪ کي ته ڪڏهن وري ڪنهن ٻئي کي آندو وڃي ٿو. ووٽ ڏيڻ باوجود جمهوريت قائم نٿي ٿئي. اسان جي رياست ۾ رولنگ ڪلاس کان وٺي عام ماڻهو جي سوچ جي هڪ ئي آهي. اسان جا رويا به جمهوري نه آهن. هن چيو ته ڪنهن به سماج ۾ جيستائين نوجوان طبقو اڳتي نه ايندو تيستائين تبديلي به نه ايندي. ملڪ جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن جو آهي انهن کي به شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڳ ۾ رياست پاڻ کي بچائڻ لاءِ ريتي جا ٻورا رکندي هئي ۽ هاڻي فائر وال کي استعمال ڪري ٿي. صحافي جاويد سومرو چيو ته اسان وٽ جمهوريت ووٽ ڏيڻ کي سمجهيو وڃي ٿو. اليڪشن جي ڏينهن ووٽنگ وارو عمل جمهوريت جو حصو ضرور آهي پر اها جمهوريت نه آهي. جمهوريت اقتصادي، سياسي ۽ سماجي معاملن سان گڏ ٻين مخلتف پهلوئن کي اهميت ڏيڻ جو نالو آهي. هن چيو ته جمهوريت هڪ تسلسل آهي. اسان وٽ ھميشه جمهوري عمل کي روڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ کي ائين لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه اسان ئي ڪري سگهون ٿا ۽ ٻيو ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۽ عمل جي تبديل ٿيڻ تائين حقيقي جمهوريت قائم نه ٿي سگهندي. ليکڪ جاويد قاضي چيو ته جمهوريت جو تعلق انساني حقن سان آهي. جمهوريت دنيا جو هڪ ميڊيم آهي ۽ جمهوريت هر ڪنهن کي پنهنجو موقف رکڻ جو به نالو آهي. جمهوريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ لاءِ مذهب جو نالو استعمال ڪيو ويو. سٺي حڪمراني موجود ڪونهي. اڪرم قائمخاني چيو ته اسان سمجهون ٿا ته حقيقي جمهوريت جي نه اچڻ ۽ شهرين کي حق نه ملڻ جو سبب رياست آهي پر صرف ائين به نه آهي. ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سياستدانن رياست جي سامهون اها ڳالهه رکي ته اچو ۽ اسان کي هلايو. رياست کي ملڪ جي سياستدانن دعوت ڏئي پاڻ گهرايو. سڄي صورتحال جا ذميوار سياستدان آهن. هن چيو ته پ پ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کي وڏي آساني سان ان ڪري قبول ڪيو ته جيئن جمهوريت جو رستو بحال ٿي وڃي ۽ جمهوري ادارا پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏين پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته مٿي جمهوريت ئي نه آهي ته شهرين کي حق ڪيئن ملي سگهندا؟ اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڪافي قربانيون ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻي سهي رستي تي اچڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ محمد تحسين چيو ته پاور ڊائنامڪ کي ختم ڪرڻ گھرجي. دنيا کي صدين جي اسٽڊيز کانپوءِ جمهوريت حاصل ٿي آهي. اسان به اهڙو ادارو ٺاهيون جنهن تي اسان کي اعتماد هجي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جمهوريت ان ئي حال ۾ رهندي ۽ ائين ئي حڪومتون هلنديون رهنديون. ان سيشن جو ماڊريٽر جنيد انصاري هو. ميلي ۾ ”اياز جي رواداري ۽ سنڌ“ جي موضوع تي سيشن ٿيو جنهن ۾ ڳالهائيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته صبر، عمل، سوچ، عمل ۽ رويا برداشت ڪرڻ ۽ انهن کي جڳهه ڏيڻ رواداري آهي. ماڻهو صبر جون اهي ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ به ٻين لاءِ عذاب بڻجي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ماڻهو مارڻ تي لهي اچن ٿا. هن چيو ته زمين، مٽي ۽ وطن ئي سڀ ڪجهه آهي. شيخ اياز سنڌ جي عالمي طور تي سڃاڻپ، ايندڙ سوين نسلن لاءِ ھڪ سوغات، تحفو، ھڪ دور ۽ ڪئين دورن جي علامت ۽ علمبردار آھي. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ سنڌي شاعري، سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي ميوزڪ سان رشتو جوڙين. مھانگن ۽ وڏن خانگي اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن وٽ سڀ ڪجھ ھجي ٿو پر جيڪڏھن وٽن پنهنجي ٻولي، ڪلچر، ادب ۽ موسيقي نه ھوندي ته اھي اندران خالي خالي ۽ کوکلا ھوندا. هن چيو ته سنڌ جا نوجوان نصابي تعليم سان گڏ ادب، تاريخ، شاعري ۽ سائنس کي به پڙھن. ان عمل سان ئي هو دنيا ۾ مٿانھين زندگي گذاري سگهندا ڇاڪاڻ ته ادب ۽ تاريخ ماڻهو کي پنهنجي ڌرتي، سماج ۽ دنيا سان جوڙين ٿا. سرائيڪي ادب جي ليکڪ راڻا محبوب چيو ته شيخ اياز سڄي انسانيت جو آفاقيت سان جڙيل شاعر آهي. لطيف ۽ اياز امن جا شاعر آهن. وٽن امن ۽ رواداري جو پيغام هو. شيخ اياز لطيف جي سورمين کي ڳايو. هن سنڌين کي سنڌ جي جنت ۾ رهائڻ ٿي چاهيو. شيخ اياز سنڌ جي ڌرتي تي بار بار پيدا ٿيڻ ٿي چاهيو. پشاور يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز خان چيو ته آزادي، امن ۽ محبت جي شمع کي کڻي هلي رهيا آهيون. پرامن طريقي سان برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورڇ ڪرڻ گهرجي. اسان جنهن رياست ۾ ويٺا آهيون ان ۾ مغلن کي هيرو قرار ڏنو ويو آهي. ڳالھ ڪرڻ به رواداري آهي. اسان معاف ڪنداسين پر وساري نٿا سگهون. نامياري آرٽسٽ شيما ڪرماڻي چيو ته شيخ اياز کي جهڙو ڌرتي سان لڳاءُ هو اهڙو ئي رواداري جي سوچ سان به هو. شيخ اياز جي شاعري ڌرتي جي سوچ ۽ خيالن سان جڙيل آهي. 1992ع ۾ شيخ اياز سان ملاقات ٿي. هن جي انقلابي سوچ هئڻ سان گڏ ماڻهن سان محبت به هئي. هو شاعري ۾ ٻين کي متاثر ڪندڙ آهي. هن جي شاعري مان متاثر ٿيڻ سان گڏ رواداري جي سوچ به حاصل ڪري سگهجي ٿي.
“اياز جي شاعري ۾ ثقافتي حسناڪي”: موضوع تي به ويهڪ، ڀيٽا پيش
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “اياز جي شاعري ۾ ثقافتي حسناڪي” جي موضوع تي ويهڪ ٿي. جنهن ۾ ڳالهائيندي شاعر عزيز گوپانگ چيو ته شاعر ثقافتي نه هوندا آهن پر شاعر قوم جي تقدير کڻي هلن ٿا. هن چيو ته اياز عالمگيريت واري سوچ تحت مسلسل وهندڙ درياهه جهڙي شاعري ڪندڙ شاعر آهي. هن چيو ته ثقافت گڏيل رويي ۽ قوم جي سوچ آهي ۽ تهذيب صدين جي تاريخ جو نالو آهي. ليکڪه ۽ شاعره شبنم گل چيو ته شيخ اياز ڌرتي جي پاڙن جي ويجهو رهيو. هن دنيا جي انهن ئي شاعرن ۽ اديبن کي ياد ڪيو جيڪي پنهنجي ڌرتي سان جڙيل هئا. اياز جي شاعري ۾ ثقافتي شعور ملي ٿو. هن چيو ته ثقافت جي سرواڻ عورت آهي ۽ عورت ئي پنهنجي ثقافت کي اولاد ڏانهن منتقل ڪري ٿي. اياز ان عورت تي لکيو آهي. شاعره گلبدن جاويد مرزا چيو ته شيخ اياز سنڌي شاعري ۾ جدت آندي ۽ هن سنڌ جي ثقافت ۾ انيڪ رنگ ڀريا آهن. شيخ اياز جي شاعري ۾ محبوبيت جو اثر آهي. هن پورهيت کي به وڏي اهميت ڏني آهي.
سرائيڪي شاعر اسلم انصاري جي ڪتاب “پهلي مينا دي جهانور” تي ويهڪ
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ سرائيڪي ادب جي ليکڪ ۽ شاعر اسلم انصاري جي ڪتاب “پهلي مينا دي جهانور” تي ويهڪ ٿي جنهن جي ماڊريٽر سعديه شڪيل هئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سرائيڪي ٻولي جي شاعر ڊاڪٽر الياس ڪبير چيو ته اسلم انصاري گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هن خواجا غلام فريد جي ڪافين جا ترجما ڪيا. ناول ۽ افسانه لکيا. سمورو ملتان، اسلم انصاري ۾ رچيل هو. ملتان تاريخي شهر آهي ۽ هن ملتان تي به گهڻو ڪجهه لکيو. اسلم انصاري ٻين ٻولين جا سرائيڪي ۾ ترجما ڪيا. سرائيڪي ٻولي جي ليکڪ ڊاڪٽر عابد رونجها چيو ته اسلم انصاري پنهنجي ڪتاب ۾ زندگي کي ٻيهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اردو ۽ سرائيڪي ٻولي جي شاعر محبوب تابش چيو ته جيڪو پنهنجي ماءُ جي ٻولي ۾ لکي ٿو اهو تاريخ ۾ زنده رهي ٿو. خواجا غلام فريد جو وڏو ڀاءُ به وڏو شاعر هو پر ان پنهنجي ٻولي بجاءِ فارسي ۾ لکيو ته ان جو نالو ڪنهن کي ياد ڪونهي جڏهن ته سندس ننڍي ڀاءُ خواجا غلام فريد کي هر وقت عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو آهي ڇو ته هن پنهنجي ٻولي ۾ لکيو. هن چيو ته اسلم انصاري سرائيڪي وسيب جي خودمختياري وارو رستو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. سعديه شڪيل سرائيڪي ٻولي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ترقي جي نالي تي پاڪستان ۾ شامل قومن جي حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي.
ميلي دوران ٽنهي ڏينهن تي بدمزگي ٿيندي رهي، محفل موسيقي متاثر
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ٽنهي ڏينهن تي محفل اياز دوران بدمزگي سبب راڳ ٻڌڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۽ سنڌ ميوزيم جي آڳنڌ ۾ ٿيل ڌار ڌار سيشنن ۾ ٻڌندڙن جو تعداد تمام گهٽ نظر آيو جڏهن ته راڳ جي محفلن ۾ ماڻهن جي رش تمام گهڻي نظر آئي. اياز ميلي جي منتظيمن جو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪئميرامينن سان ناروا سلوڪ رهيو ۽ ميلي جي ٻن ڏينهن دوران کين راڳ رنگ جي محفلن کي رڪارڊ ڪرڻ کان زبردستي روڪڻ جي ڪري ٽئي ڏينهن تي ڪئميرامينن ميلي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن به سيشن کي رڪارڊ نه ڪيو. ڪئميرامينن سان پيش آيل بدمزگي واري معاملي بابت منتظمين کي ڄاڻ به ڏني وئي پر انهن پاران ڪئميرامينن توڙي صحافين سان ڪو به رابطو ڪري معذرت نه ڪئي وئي جنهن جي ڪري اياز ميلي جي ٽئين ڏينهن تي اڪثر صحافي ميلي جي اليڪٽرانڪ ڪوريج کان پاسيرو رهيا. ميلي ۾ موجود والنٽيئرز به شريڪ ٿيندڙ ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندا رهيا. راڳ رنگ جي محفل دوران مختلف وقتن تي هلڪا ڦلڪا جهيڙا به ٿيا جنهن جي ڪري راڳ رنگ جون محفلون مختلف وقتن تي متاثر ٿينديون رهيون.