ووٽ جي بدلي ڇا گهرجي، ان حوالي سان گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ووٽ بدلي، پيٽوالي ذاتي مفاد لاءِ نه، ووٽ سنڌ لاءِ سنڌ جي ترقي لاءِ ڏيو، جنهن تي محمد يوسف عمراڻي لکيو ته اسان جي ماڻهن جا ووٽ ٽائون جي آءِ ڊي کولرائڻ لاءِ پيا وڃن، سليم رضا ميمڻ لکيو ته آءِ ڊي ڪنهن بند ڪئي آهي ڇو بند ڪئي آهي ڪڏهن آءِ ڊي کلندي، اها شهرين جي حق جي به ڳالهه آهي، زوار خادم حسين ڪاظمي لکيو ته هتي وري اسان جا پڙهيل لکيل دوست جاهل ڀوتارن قبضا خورن، چورن جي در جا نوڪر، راشن ڪٽي تي، ڪجهه رپين تي ووٽ ڏين ٿا، ظفر علي کوسو به راءِ جو اظهار ڪيو، شيراز علي لکيو ته سڀئي پنهنجي مفادن خاطر ووٽ ڏين ٿا، ڀلي اهو مفاد هڪ ننڍڙو چانهه جو ڪوپ ڇو نه هجي، ايم آر لاکو، گلزار کوسو پوسٽ سان اتفاق ڪيو ته ووٽ سنڌ جي ترقي لاءِ ڏيڻ گهرجي، مير بلوچ لکيو ته ڪنهن اڻ پڙهيل تي تبليغ ڪجي پر پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڪير سمجهائي، زاهد کوسو لکيو ته غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم تي اهي ڳالهيون اثر نه ڪنديون، مجاهد علي، سيم حيدر سنڌي ۽ الطاف کوسو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو.