ڪرونڊي (ن پ ا) جي ڊي اي اڳواڻ صدر الدين شاهه عرف يونس سائين چيو آهي ته پ پ سنڌ کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو آهي، اليڪشن ۾ ووٽ جو درست استعمال ۽ اليڪشن شفاف ٿي ته سنڌ ۾ جي ڊي اي جي حڪومت ٺهندي، 15 سالن ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو آهي، جنهن ڳوٺ وڃو ته رڳو کنڊر نظر اچن ٿا، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳواڻن حڪمرانن عوام کي سکڻن نعرن، بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجھه ناهي ڏنو، هن چيو ته عوام کي بجا تير بجا تي نچڻ بجاءِ پنهنجي ٻچن جو مستقبل سوچڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽڪيٽن جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو، بورڊ ويهندو پوءِ ئي فيصلو ٿيندو، مون کي پنهنجي ٽڪيٽ جي به ڪا پڪ ناهي، هن چيو ته ليول پلينگ فيلڊ چاهيون ٿا، ڇو ته 15 سالن کان پ پ اقتدار ۾ آهي، سموري آفيسر شاهي سندس تابع آهي، اسان جو منشور اهو آهي ته هر ماڻهو کي سندس بنيادي حق گهر جي در تي ملي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منظور وساڻ ڇاجي دما دم مست قلندر ڪندو، ٽن ڳوٺن تي مشتمل ماڻهو جي پارٽي جي ڪري عزت آهي، باقي کيس ڪير به نٿو سڃاڻي، ان موقعي تي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، عبدالڪريم شر، شاهد شر، اختر راڄپر، علي جان راڄپر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.