ووٽن ذريعي تبديلي آڻيو

0
44
ووٽن ذريعي تبديلي آڻيو

 ووٽن جي سيزن اچڻ سان ئي ووٽ وٺندڙ اميدوار ميدان تي اچي نڪتا آھن. انھن ڳوٺن ۽ شھرن ڏانهن رخ ڪيو آھي. ڪٿي ڪٿي کين  نوجوانن جي سوالن پڇڻ  تي ڏکايون بہ ٿين ٿيون تہ ڪٿي کين پوڙھا  وڏي مان مرتبي سان رلين سان سينگاريل  کٽن ۽  صوفا سيٽن  ۽ ڪرسين تي ويهاريو خدمت چاڪري ۾ لڳا پيا آھن. هي اهي پراڻيون  هچائون آھن،  جن مان ته ڪن 30 سالن تائين مسلسل ته ڪن 20 سال مسلسل سنڌ جي  عوام مٿان حڪمراني ڪئي آھي، ڪي ته هر حڪومت جو حصو رهيا آھن، نواز ليگ هجي پ پ پ هجي، پرويز مشرف هجي يا ڪا ٻي سرڪار پر اهي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺا رهيا آھن. هي اهي ڀوتار سردار وڏيرا پير مير آھن، جن پنهنجي اقتدار دوران عوامي ادارا پنهنجي هٿ ۾ يرغمال ڪري رکيا هئا ۽ پنهنجي مرضي مطابق پسند ناپسند تي آفيسر رکي انهن جي هٿان ملڪ ۽ عوامي مال، دولت لٽي هئي عوام کي بليڪ ميل ڪرڻ لاء ھر ڪم سندن اوطاق جي ڇٺي يا فون تي ٿيڻ لڳندو هو ۽ عام ماڻھن جا ڪم آفيسن مان سڌو سنئون ڪرڻ تي نه صرف اڻ اعلانيل پابندي هئي پر رشوت جي عيوض جائز ڪم به سفارش تي ڪيو ويندو هو. هن وقت نگران حڪومت آھي پر سندن ڪمدار آفيسر سندن ئي پويان هلندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو آفيسر يا ڪامورو سمجهي ٿو ته اليڪشن کان پوءِ سندن پڇاڻو وري ساڳيو ڀوتار ڪندو. جنهن جو مطلب آھي ته ميرٽ تباھ ڪري صرف آپي شاهي جي  روايت کي قائم رکيو ويو آھي. 8 فيبروري 2024ع تي قومي اليڪشن آھي، اليڪشنن ۾ ووٽر پنهنجي ووٽ حق استعمال ڪري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪندو، هي ووٽ اهو هٿيار آھي، جنهن سان انسان پنهنجي معاشري کي تبديل ڪري سڌاري سگهي ٿو يا ٻيهر بگاڙي سگهي ٿو، اهو ووٽر جي سمجھ  شعور ۽ جرئت تي آھي ته پنهنجي انساني نسل ۽ سنڌ  وطن لاءِ ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري، ووٽرن کي هڪ ڳالھ رکڻ گهرجي تہ انسان پنهنجي زندگي سان پيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن به پنهنجي هٿن سان سواءِ تنگ دستي، ڪڏهن به پنهنجو انت نه آڻيندو آھي  بلڪہ انسان حالتن کان مجبور ٿي زندگي جو ڏيئو  خودڪشي جي روپ ۾ وسائي ٿو. موجوده  بک ۽ بدحالي حالتن جي ڪري سنڌ جو ماڻھو اجتماعي خودڪشيون ڪري رهيو آھي. انهن حالتن کي پيدا ڪندڙ ڪير آھي؟ سماج کي ترتيب ڏيندڙ ڪير آھي؟ هڪ ته فطرت طرفان ڪجھ مشڪل حالتون پيدا ڪيل هونديون جن کي انسان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آھي، مسئلن، بک کي وسائڻ لاءِ، پيٽ ڀرڻ لاءِ، پورهيو ڪرڻ  ۽ اوگهڻ ڍڪڻ لاء ڪپڙو تيار ڪرڻ پيرن ۾ جتي پائڻ وغيره.

انهي مٿي فطرتي ڪارج کي انسان پورو ڪرڻ لاء محنت ڪري ٿو  يا ٻين جي محنت تي ڏاڍ مڙسي سان ڌاڙو هڻي پاڻ بنا ڪنهن محنت جي پرائي پورهئي تي کائيندو ۽ عياشيون ڪندو آھي. اهو اڄ کان ڪيتريون صديون اڳ سسٽم جاري هو ۽ هن وقت به ڪٿي ڪهڙي روپ ۾ ڪٿي ڪهڙي روپ ۾ جاري آھي۔ بين الاقوامي سامراج کان وٺي ملڪي سامراج تائين ۽ ملڪي سامراج کان ويندي مقامي سامراج تائين مطلب انسان جو استحصال جاري آھي۔ اهو ڪيئن رڪبو؟ اهو به ڏاهن ماڻھن طئي ڪيو آھي ته جيستائين انسان هٿان انسان غلام رهندو معاشرن هٿان معاشرا غلام رهندا، تيستائين  مظلوم ۽ ظالم ٻئي طبقا موجوده رهندا ۽ استحصال جاري هوندو۔ پر  افسوس اهو اڄ جديد دور ۾ جتي انسان کي ووٽ جي ذريعي پنهنجي ايماندار ۽ انسان دوست، ملڪ دوست حڪمرانن  چونڊڻ جو موقعو ملي ٿو ته اتي پنهنجي پاڻ مٿان پاروٿيون هچائون وڏيرا جاگيردار ۽ سموريون شامتون آڻڻ جا ذميوار بڻجون ٿا. جنهن کان پوءِ مٿا پٽڻ ۽ رڙيون ۽ روڄ راڙو ڪرڻ اسان جي عادت بڻجي وئي آھي، هڪڙي حساب سان ته روڄ راڙو برداشت ڪرڻ جوڳو هوندو آھي، جڏهن هڪڙو دفعو غلطي ڪجي ٿي ۽ پوء چئجي ته ادا اهو صحيح آھي، ڇاڪاڻ انسان کان غلطي ٿيندي آھي پر بار بار اهڙي روش اختيار ڪرڻ ۽ ان تي افسوس ڪرڻ ڪنهن به سچائي جي ثابتي نه آھي۔ منهنجو هتي غلطين جو مطلب تازي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڪندڙ فردن ڏانهن آھي، جيڪي ماڻھو پاڻ جي مٿان پاڻ شامتن آڻڻ جا ذميوار بڻبا آھن پوء رڙيون ڪندا آھن ته ادا ظلم ٿي رهيو آھي. مهانگائي بدحالي ۽ تعليم صحت روزگار تباھ برباد ٿي ويو، حڪمرانن مان جهلجي رهيا آھيون۔ انهن کي جاڳائيندو ۽ خبردار ڪندو هلان ته انهن  شامتن آڻڻ جا اسين خود ذميوار آھيون. جڏهن اسان جو وارو اچي ٿو يعني ووٽ ڏيڻ جو، ان وقت اسين پنهنجي ڪيل غلطين ۽ بک بدحالي  مهانگائي بدامني سنڌ جي وسيلن, ڌن ۽ دولت جي لٽ ڦر ۽ مشڪل وقت سڀ وساري ڇڏيون ٿا ۽ ساڳي چريائپ  خوف ڊپ ۽ وائڙي ڪيفيت ۾ اچي ٻيهر پنجن سالن لاء انهن ڀوتارن ۽ هچائن کي پنهنجي مٿان مڙھي ڇڏيون ٿا, جن جي بد نيتي ڦرلٽ عياشين ناانصافين ۽ لاقانونيت وغيره جون  ڪوڪون دانهون ڪندا رهيا آھيون. هنن هچائن خلاف جيڪڏهن پاڻ پنهنجي ووٽ وارو هٿيار صحيح استعمال ڪري هنن مان جند ڇڏايون ته ڪير به پاڻ کي ڏوهاري ۽ غلط نه ليکيندو ۽ نه ڪير توهان کي ميار ڏيندو ته  30 سالن جون ملڪ جي ۽ عوامي دولت وسيلن جي تباهين جا مرتڪب  ڀوتارن چوڌرين کي ووٽ ڇو ڪو نه ڏنو۔ ڏهن مان نو اهي ووٽر آھن، جيڪي غريب ۽ پورهيت  طبقي سان تعلق رکن ٿا، جن کي ڀوتار وڏيرو “ڪت خلق” سمجهندو آھي. هو اٽڪلبازي ۽  مڪر سان مختلف روپن ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي مٿان اثر انداز پاڻ کي ڪندو  رهي ٿو. ڪٿي پنهنجي روعب ۽ دٻدٻي کي قائم رکڻ خاطر پرائيويٽ توڙي سرڪاري عملدار استعمال ڪرڻ لاء حرام جي دولت خيرات ڪندو آھي، ڪٿي غريبن ۽ بي پهچن کي غنڊن هٿان بي عزتو ڪرائيندو ۽ بليڪ ميل ڪندو آھي۔ انهن سڀني منهن ڏيڻ ۽ رد ڪري تبديلي آڻڻ نئون سماج جوڙڻ نوان ماڻھو اسيمبلي ۾ پهچائڻ لاء جرئت ڪري پورهيت ۽ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪريون.