خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي اين اي 202 جي پ پ اميدوار نفيسا شاهه ٽائيم نيوز تي هليل خبر بابت چيو آهي ته هن ڪارنر گڏجاڻي دوران پنهنجي ڪارڪنن سان ڀوڳ چرچا ڪندي کين گهڻا ماڻهو وٺي اچڻ ۽ ٻيڻا فنڊ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ووٽرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڀوڳ چرچا ڪرڻا پوندا آهن، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان وٽ ترقياتي ڪمن جي وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي، منهنجو منشور آهي ته اسان عوام کي ڊرينيج سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون، هن چيو ته بلاول جي جلسي ۾ ماڻهو خوشيءَ سان ايندا، ڪنهن کي به زور زبردستي يا پئسا ڏئي نٿو گهرائي سگهجي، پيپلزپارٽي عوامي سمنڊ آهي، ماڻهو پنهنجون گاڏيون ڪرائي، پنهنجو خرچ ڪري ايندا، ڪجهه غريبن کي اسان به ڏينداسين، هن چيو ته عوام ۾ جوش آهي، گهوٽڪي، خيرپور، سکر سميت پ پ عوام جي خدمت آهي، ٻوڏ دوران به پ پ عوام جي خدمت ڪئي، هن چيو ته اسان لاءِ اهو اعزاز آهي ته شهيد بينظير ڀٽو پهريون جلسو 1997 ۾ خيرپور ۾ ڪيو هو ۽ پهريون ڀيرو بلاول ڀٽو زرداري خيرپور ۾ ساڳي ممتاز گرائونڊ ۾ جلسو ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري اهو پيغام کڻي اچي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي ملڪ کي جوڙڻ چاهي ٿي.