ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ميزباني ۾ فيفا وومين ورلڊڪپ اسپين کٽي ورتو. فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي هڪ گول تان شڪست ملي. اسپين جي ٽيم پهريون ڀيرو چيمپئن بڻي آهي. پهرئين هاف ۾ اسپين جي ڪپتان اولگا ڪارمونا گول ڪيو جيڪو فيصلائتو ثابت ٿيو ۽ سڄي ميچ ۾ اهوئي اسڪور رهيو. فائنل تقريب ۾ اسپين جي ايٽانا بونميٽي کي فيفا گولڊن بال، انگليڊن جي ميري ايرپس کي گولڊن گلو، اسپين جي سلميٰ پيرا لوئلو کي بيسٽ ينگ پليئر قرار ڏنو ويو.