حيدرآباد: وومينز ايڪشن فورم مطالبو ڪيو آهي ته ڪامريڊ مرڪ پيرزادي سان رابطي ۾ ۽ گڏ رھندڙ سڀني فردن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪنھن به ڌر پاران سياسي توڙي سماجي دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو. وومينز ايڪشن فورم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ پيرزادي جي خودڪشي جي خبر جو نوٽيس وٺندي ان ئي وقت ايس ايس حيدرآباد سان رابطو ڪري کانئس ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سرگرم سياسي اڳوڻ مرڪ پيرزادي جي خودڪشي ڳڻتي جوڳو معاملو آهي. وومينز ايڪشن فورم پاران نوجوانن ۾ خودڪشي جي وڌندڙ لاڙن تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪجي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مرڪ جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ مڻڪو ڀڃڻ ٻڌايو ويو آھي جڏهن ته ڊي اين اي لاءِ جزا به ليبارٽري موڪليا ويا آھن. بيان ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته مرڪ پيرزادي جي ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪري مڪمل جاچ ڪئي وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مرڪ پيرزادي جو تعلق سياسي جماعت سان ھو ۽ ھو سرگرم اڳواڻ ھئي ان ڪري ان سياسي جماعت جي ليڊرشپ کي به ان پراسرار موت  جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن جيڪڏھن اھو قتل بدران خودڪشي به آھي ته ان جا سبب پڌرا ٿي سگهن ۽ ان جي پسمنظر ۾ جيڪي به محرڪات ھجن تن کي نظر ۾ رکندي اڻڌري جاچ ٿيڻ گهرجي. وومينز ايڪشن فورم چيو آهي ته نوجوان ڇوڪري مرڪ جي خودڪشي سان نوجوان سياسي ڪارڪنن خاص طور تي ڇوڪرين ۾ مايوسي ۽ سياسي پارٽين ۾ شموليت تي خوف  پيدا ٿيڻ جو به خدشو آھي ان ڪري ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ھن معاملي  جي جاچ سينيئر ۽ تجربيڪار آفيسرن ذريعي ڪرائين ته جيئن هر رخ کان اڻڌري جاچ ممڪن ٿي سگهي.