لاهور (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ويسٽ انڊيز خلاف وارم اپ ميچ ۾ مسلسل ٻي فتح حاصل ڪري ورتي. قذافي اسٽيڊيم پاڪستان وومين ٽيم 46.1 اوورن ۾ 192 رنسون ٺاهي ميچ 5 وڪيٽن تان کٽي ورتي. پاڪستاني بيٽسمين منيبا علي ۽ نتاليا پرويز ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 113 بالن تي 87 ۽ 60 بالن تي 53 رنسون ٺاهيون. گل فيروز 55 بالن تي 28 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ ويسٽ انڊيز مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي بيٽسمين شبيڪا گجنبي 68 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. جينا گلاسگو 41 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان سعديه اقبال 21 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ناصره سنڌو 47 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان طرفان فاطمه ثنا، ڊيانا بيگ ۽ رامين شميم 35، 42 ۽ 24 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستاني ٽيم 9 اپريل تي آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ رائونڊ جي پهرين ميچ آئرلينڊ خلاف کيڏندي، ميچ صبح 9:30 وڳي ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ شروع ٿيندي.