لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچ ۾ اسڪاٽلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستاني وومين ٽيم 182 رنسن جو هدف 10 بال باقي رهي حاصل ڪري ورتو. برسات جي ڪري ميچ کي 32 اوورن تائين گهٽايو ويو. اسڪاٽش ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن تي 186 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪپتان ڪيٿرائن براس 91 رنسن جي ٽاپ اسڪور سان نمايان رهي. اسڪاٽلينڊ وومين ٽيم تي 5 رنسن جي سزا پڻ لاڳو ڪئي وئي، جيڪا ان وقت لاڳو ڪئي وئي جڏهن هڪ فيلڊر بالنگ دوران ميدان کان ٻاهر هئي. پاڪستان وومين ٽيم جو هدف 187 رنسن کان گهٽائي 182 رنسون ٺاهيون ويون، عاليه رياض ناقابل شڪست 68 جڏهن ته منيبه علي 71 رنسون ٺاهيون. هي پاڪستان وومين ٽيم جي ايونٽ ۾ مسلسل ٻي فتح آهي.