سلهٽ(اسپورٽس نيوز) وومينز ايشيا ڪپ جي سيمي فائينل ۾ سريلنڪا وومينز ٽيم پاڪستان کي هڪ رن تان شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ سريلنڪا وومينز ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنز ٺاهيون. هرشيٿا سماراوڪراما 35 ۽ انوشڪا سنجيواني 26 رنز ٺاهي نمايان رهيون. پاڪستان طرفان نشرا سنڌو 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنز ٺاهي سگهيو. بسمه معروف 42، ندا ڊار 26 رنز ٺاهي نمايان رهيون. سريلنڪا طرفان انوڪا راناويرا 2 وڪيٽون ورتيون. انوڪا راناويرا کي 4 اوورن ۾ 17 رنز ڏئي 2 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.