سينٽياگو (انٽريسٽنگ نيوز) چلي جي ڏکڻ پيٽاگونيا جي سمنڊ ۾ وهيل هڪ همراهه کي ٻيڙي سميت ڳهي ڇڏيو، ان خوفناڪ واقعي جي وڊيو متاثر شخص جي والد بڻائي ورتي، جيڪا وائرل ٿي رهي آهي، چلي سان تعلق رکندڙ ايڊريان سيمانڪاس پنهنجي والد سان گڏ ڏکڻ پيٽاگونيا جي علائقي ۾ ميگليلان آبنائي ويجهو ڪائيڪنگ ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ همپ بيڪ وهيل کيس ٻيڙيءَ سوڌو ڳهي ڇڏيو، اهو واقعو ڇنڇر واري ڏينهن چلي جي ڏکڻ پيٽاگونيا علائقي ۾ ميگيلان آبنائي ويجهو سان اسٽرو لائٽ هائوس وٽ پيش آيو، حادثي وقت ايڊريان جو والد سندس وڊيو بڻائي رهيو هو، جنهن سبب ان خوفناڪ حادثي جي وڊيو به ڪيمرا ۾ قيد ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ وڏي وهيل ايڊريان سيمانڪاس کي سندس ٻيڙي سميت ڪجهه گهڙين لاءِ ڳهي وٺي ٿي، پر ڪجهه دير بعد ئي کيس بنا ڪنهن نقصان جي ڪڍي ڦٽو ڪري ٿي، پرڏيهي خابرو اداري سي اين اين کي ان واقعي جي باري ۾ ٻڌائيندي ايڊريان سيمانڪاس چيو ته ڪائيڪنگ دوران جڏهن مون پٺتي مڙي ڏٺو ته منهنجي پنهنجي منهن تي هڪ لِڳلِڳ محسوس ٿي ۽ ڏٺو ته گهرو نيرو ۽ اڇو رنگ پٺيان اچي رهيا آهن، ان بعد اهو پاڻيءَ ۾ هيٺ گهلجندو ويو، ان لمحي هن سوچيو ته اهو ڪجهه نه ڪري سگهيو ۽ کيس لڳو ته اهو مري ويندو، جڏهن ته کيس معلوم نه هيو ته ڇا ٿيو آهي، ايڊريان چيو ته مون سچويو وهيل مون کي کائي ڇڏيو آهي ۽ ڳهي وئي آهي، جڏهن ته جلد ئي هن محسوس ڪيو ته سندس لائيف ويسٽ کيس مٿي ڇڏي رهي آهي ۽ ڪجهه ئي سيڪنڊز ۾ اهو سطح تي اچي ويو ۽ صورتحال کي سمجهڻ لڳو، اها وڊيو ايڊريان جي والد ڊيل ٻي ٻيڙيءَ مان رڪارڊ ڪئي هئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو وهيل کي پهرين سمنڊ جي خوبصورت ڇولي سمجهي رهيا هوندو آهي، پر بعد ۾ جڏهن وهيل سندس پٽ کي ڳهڻ بعد ٻيهر ڪڍي ڇڏيندي آهي ته اهو پنهنجي پٽ کي پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو، وڊيو ۾ کيس چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته “پرسڪون رهه، پرسڪون رهه.” ايڊريان ٻڌايو ته جڏهن اهو سطح تي آيو ۽ ترڻ لڳو ته کيس پنهنجي والد جي باري ۾ فڪر ٿي ته ڪٿي ساڻس ڪجهه ٿي وڃي يا اهو ڪناري تائين نه پهچي سگهي، يا کيس هائپوٿرميا ٿي وڃي، جڏهن ته واقعي بعد پيءُ ۽ پٽ ٻئي محفوظ طريقي سان ڪناري تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته ڇا اهي ٻيهر ڪائيڪنگ ڪندا، ته پيءُ ۽ پٽ بنا هٻڪڻ جي جواب ڏنو، “بلڪل”.