واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) گذريل پنجن سالن کان نه وهجندڙ آمريڪي ڊاڪٽر جيمز هيمبلن جسم تي ظاهر ٿيندڙ تبديلي بابت حيران ڪندڙ دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر جيمز هيمبلن جو چوڻ آهي ته هو گذريل پنجن سالن کان ناهي وهنتو، پر پوءِ به سندس جسم مان ڌَپ نه ٿي اچي. هن صحت جي حفاظت لاءِ شيمپو، صابڻ ۽ ٻين شين کي بي ڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر جيمز هيمبلن تجربو ڪرڻ لاءِ پنجن سالن کان وهجڻ ڇڏي ڏنوته جيئن هو ان ڳالهه جو جائزو وٺي سگهي ته صحت جي حفاظت لاءِوهنجڻ ضروري به آهي يا نه. آمريڪي ٽي وي چينل سي اين اين جي چيف ميڊيڪل نمائندي ڊاڪٽر سنجي گپتا هڪ پوسٽ ڪاڊ ۾ چيو ته جيمز هيمبلن باقاعده وهجڻ ڇڏي ڏنو ۽ ان مان ڌپ نٿي اچي. ڊاڪٽر جيمز هيمبلن جو تجربو صحت جي حفاظتي اصولن کي ختم ڪرڻ لاءِ ناهي پر ان خيال کي چيلينج ڪرڻ هو ته ڇا هر هر وهنجڻ ضروري آهي؟ هو اهو سمجهڻ چاهي ٿو ته ڇا صابڻ ۽ شيمپو جھڙين شين جو استعمال واقعي فائديمند آهي؟ ڊاڪٽر جيمز چوي ٿو ته توهان ڪنهن به فارميسيءَ تي وڃو ته دوائن سان گڏ صابڻ ۽ شيمپو به نظر ايندا، ان شئي مون کي حيران ڪري ڇڏيو ته اهي ضروري به آهن يا نه؟ هن چيو ته صابڻ صرف توهان جي چمڙيءَ تان سڻڀ يا تيل ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند آهي، چمڙي جو مائڪرو بائيوم گٽ مائڪرو مائيوم کان ننڍو ٿيندو آهي، اهي جراثيم هميشه گڏ رهندا آهن، ايستائين جو توهان پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور انهن کان پاڪ نه ڪري وٺو، جيڪو ناممڪن ٿو لڳي. هو چوي ٿو ته ماڻهن کي ڳڻتي ٿيندي آهي ته جيڪڏهن اهي نه وهنجن ته انهن جي جسم مان ڌپ اچڻ شروع ٿيندي، آئون چوان ٿوته توهان پنهنجي پاڻ کي ڏسن ۽ محسوس ڪرڻ جي انداز مان مطئمن آهيو ته توهان ان ڳڻتي ۾ مبتلا نه ٿيندئو. ڊاڪٽر جيمز هيمبلن وڌيڪ چيو ته ورزش ڪرڻ کان پوءِ به جڏهن توهان جو جسم پگهر سان آلو ٿي وڃي ٿو ته ان کي صرف پاڻي سان ڌوئي سگهجي ٿو پر ان لاءِ صابڻ هميشه ضروري ناهي هوندو.