صدين کان جمود جي شڪار سنڌي سماج ۾ ٻيو نه ته موسمي تبديلي شروع آهي. ‘چِٽ نه ڪنهن جو مِٽ’ يا محقق عبدالوهاب سهتي جي فيس بڪ ٽائيم لائين ٿي ڪيل پوسٽ “چٽ جو تکو ڏينھن،ڪيري ڪيھر شينهن”! مطلب چٽ جا ڏينهن سخت ٿيندا آهن. چٽَ، حقيقي طور بڊي جي کيري پچڻ جا ڏينهن هوندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري گرم ۽ گُهٽ وارا ٿين. بڊي جو پورو ماهه ۽ اسوءَ جا پهريان ڏهه ڏينهن، ڪل چاليهه ڏهاڙا چٽ ۾ اچيو وڃن. ان عرصي ۾ جوئر سميت باقي فصلن جو اَنُ پچي پورو ٿيندو آهي. ٻهراڙين ۾ چوندا آهن ته ‘ڪانهن جي ٻوڙي تي ڪاري ڪڻڇي ويهي ۽ ٻوڙو ان جو بار برداشت ڪري وڃي ته اهو چٽ جي پوري ٿيڻ جي نشاني هوندي آهي”. هن مدي ۾ ڪانهن جو نسرڻ، سر جو ڪانو پڻ نڪرندو آهي. چٽ جي آخري ڏينهن ۾ رات جو ماڪ پوندي، ڏينهن تتو رهندو. ووئنڻ ۾ چونڊو شروع ٿيندو. کليل آسمان هيٺ سمهندڙ هاڻي ڪمرن ڏانهن رخ رکندا. اهڙي طرح سياري جا هوڪا شروع ٿي ويندا، تان جو سيارو اچي مٿان پوندو. سنڌ ۾ هن سڄي موسمي تبديليءَ سان تهوارن جا سلسلا به شروع ٿي ويندا. مقامي طور پيرن تي ميلا ان سلسلي جي وڏي ڪڙي آهن. گرمي سٽيل ماڻهو سک جو ساهه کڻندا. ڪپهه جا پئسا انهن لاءِ وڏي آٿت جو ڪارڻ هوندا.
هي سلسلا صدين کان جاري آهن، سواءِ نالن جي، ڪا به تبديلي ناهي. ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا احوال…. ووئنڻ جي چونڊي، ڪپهه جي پيداوار سبب تَرُ معاشي طور خوشحالي جي ڀر ٿي بيهندو. گرمي سٽيلن جا منهن مهڪڻ لڳندا. ڪپهه جي چونڊي دؤران علائقي ۾ پيون خبرون هلنديون ته ملڪ ۾ ڏائڻيون لهي آيون آهن، جيڪي ماڻهن جا هنيانءَ ڪڍيو کائيو وڃن يا فلاڻي هاريءَ جي ٻنيءَ ۾ مَمَ نظر آئي، جيڪا همراهن جا گوڏا چٽي کاريو ويهاري ڇڏيو. ان دوران راڪاسن، جنن، ديون پرين جا حوال پيا هلندا. توڻي هر هٿ ۾ موبائيل فون هجڻ ڪري اهي ڳالهيون هاڻي گهٽ ٿي ويون آهن، پر موجود آهن. استاد منظور سولنگي انهن سڀني کي ‘سنڌي سماج جا صدين کان ٺهيل حوال’ پيو چوندو آهي، پر اهي صرف سنڌي سماج نه پر سڄي دنيا ۾ جي ٻهراڙين جي معاشرن ۾ لاڳو رهن ٿا. جيڪي ڳالهيون سماجي روڳ جي صورت پڻ اختيار ڪريو وڃن. جهڙي ريت ٺاروشاه جي سليمان جي جواني برباد ٿي وئي. بنيادي طور هن کي ڪو نفسياتي ڊس آرڊر هو پر چيو ويو ته سليمان کي ‘جن’ لڳل آهن. هو پاڻ به چوندو هو ته رات جو هڪ خوبصورت عورت هن جي ڄنگهن ۾ چنبڙي پئي ٿي ۽ صبح ٿيندي ئي غائب ٿيو وڃي. سليمان، جنهن جي عمر 48 سال ٿيندي، پيرن جي ننهن ڏانهن اشارو ڪري يا هٿ لائي چئي ٿو: “فقيرياڻي (جنڙي) هن جاءِ تان مون تي سوار ٿئي ٿي، جنهن کان پوءِ مان پنهنجي وس ۾ نه ٿو رهان!”
سليمان فقير، جيڪو مئٽرڪ تائين پنهنجي ڪلاس جو غير معمولي شاگرد هو. هاڻي ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي درويش طور مشهور آهي، جنهن تي غيبات جو سايو آهي. هو اڪثر اهڙا ڪم به ڪري ٿو، جيڪي شايد عام ماڻهوءَ جي وس ۾ نه هجن. مثال طور: ڪڏهن هو بنا وقفي نٽهڻ اس ۾ ڳوٺ جي گهٽين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ چڪر لڳائيندو رهي ٿو. هلڻ ۾ هن جي رفتار ايتري ٿي وڃي ٿي جو ڪو به هن سان مقابلو نه ٿو ڪري سگهي! سليمان کي به هڪ ڀيرو گاجي شاه تي به نيو ويو. جتي ڪنڌ ڌوڻڻ کان پوءِ ڪجهه وقت تائين ته هن کي آرام نصيب ٿيو، وري ساڳي حالت ٿي ويس.
ڪاڇي ۾ موجود گاجي شاه جي درگاه جي باري ۾ عام ماڻهن وٽ ٿوري معلومات آهي، هو فقط هن بزرگ کي هڪ اهڙي پير طور سڃاڻن ٿا، جيڪو ‘ڍيڍ جنن’ کان هنن کي نجات ڏياري ٿو؛ جڏهن ته تاريخ جي ورقن ۾ ميان نصير فقير ڪلهوڙي جي هن سپهه سالار کي ‘پنج هزاري ۽ گنج بخش’ جهڙا لقب مليل هئا. کوسن جو هي سردار، پنهنجي مرشد ميان نصير فقير ڪلهوڙي جي حڪم تي خضدار ويجهو وڍ جي علائقي ۾بروهين سان هڪ جهڙپ ۾ قتل ٿيو. گاجي شاه جو ميانوال تحريڪ ۾ تمام اهم ڪردار هو. ايتري حد تائين جو جڏهن ميان نصير محمد کي قيد ڪيو ويو ته شاه پنجو ۽ گاجي شاه، ٻه ماڻهو هئا، جن تحريڪ کي ساهه ويساهه ڏنو. گاجي شاه جي وفات جو سال 1695 ته ڪٿي 1699 ڄاڻايل آهي. ساڳئي علائقي، خيرپور ناٿن شاه ويجهو ڳاڙهيءَ جي ڳوٺ ۾ ميان نصير محمد جو مقبرو آهي، جتي به وڏي انگ ۾ ‘جنن’ جا متاثر اچن ٿا، پوءِ سُرندي جي ساز تي ‘الا توهار’ جي آزي ۽ ‘جن ورتلن’ جو ڪنڌ ڌوڻڻ هڪ اهڙو منظر پيش ڪري ٿو، جنهن جو سحر باقي ويٺلن تي به طاري ٿيو وڃي! سُرندي جو رڌم، ماڻهن جو ڪنڌ ڌوڻڻ، ٻڪرن وانگر ‘ٻي ٻي ٻي’ جا آواز ڪڍڻ، اهي منظر فقط مٿي ڄاڻايل ٻن درگاهن جا نه پر ننڍي کنڊ جا ڪيترائي آستانا، اهڙن ڪهاڻين سان ڀريا پيا آهن.
اسان مان هر ڪو پنهنجي ٻاروتڻ کان جنن ڀوتن جا قصا ڪهاڻيون ٻڌندو پڙهندو پيو اچي، جيڪي اڳتي هلي ذهنن ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا. اوندهه ۽ ويرانيءَ ۾ خوف جو طاري ٿيڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. جنهن ۾ ماڻهو ويچارو يا بيوس بڻجيو وڃي! جنن، ديون، ڀوتن، پرين ۽ راڪاسن جون هي ڪهاڻيون فقط سماج جي نيم خوانده ماڻهن سان لاڳايل ناهن، پر چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به انهن وهمن ۾ وڪوڙيل ملن ٿا. ڊاڪٽر بشير الدين محمود کي ڪير نه سڃاڻي؟ پاڪستان جو مايه ناز سائنسدان ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جو ميمبر رهڻ وارو شخص، جنهن ڪافي سال اڳي حڪومت کي هڪ سفارش موڪلي ته ملڪ مان انرجي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ‘جنن’ مان انرجي حاصل ڪئي وڃي. بقول ڊاڪٽر پرويز هودڀائي ته هن ان مضحڪه خيز معاملي تي جڏهن ڪميشن جي چيئرمين سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن اهو چئي چپ ڪرايو ته، “ڊاڪٽر بشير الدين جي صلاح عين ايمان جي مطابق آهي، توهان کي ڪو به حق ناهي ته ان جو ڳالهه تي چٿر ڪريو!” اهو الڳ مامرو آهي ته ساڳيو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي اين جي او ‘امه تعمير نو’ جي پليٽ فارم تان افغانستان اندر القاعده کي ايٽمي هٿيار فراهم ڪرڻ جي ساز باز ۾ پڪڙيو ويو، پر هن جا ڀاڳ ڀلا جو ان وقت پرويز مشرف جي حڪومت هئي ۽ معاملي کي لئي مٽي ڪيو ويو!
اسلامي دنيا ۾ ڪجهه عالم سڳورا ته جنات کي مڃڻ، ايمان جو حصو سمجهن ٿا، هنن بقول ته جيڪي ماڻهو جنن جي وجود جا انڪاري آهن، اهي ڪفر جي حد ۾ داخل ٿيو وڃن! سر سيد احمد خان چوندو هو: “جنن مان مطلب، غيبي مخلوق نه پر اڻ پڙهيل، احمق ڳوٺاڻا يا ريگستاني ماڻهو ئي جن آهن!”
جنرل ضياءَ الحق جي وقت ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ جج بديع الزمان ڪيڪائوس جون ان وقت جنات بابت ڳالهايون تمام گهڻيون مشهور ٿيون، جڏهن جسٽس ڪيڪائوس فيڊرل شريعت ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ته جمهوريت، اسيمبليون، چونڊيل ميمبر ۽ اليڪشن سميت هي سڄو نظام غير شرعي آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ انهن خرافات جي ڪابه جڳهه ناهي. ٻين کوڙ ڳالهين سان گڏ جسٽس بديع الزمان جو هڪ مؤقف هي به هو ته سماج ۽ حڪومت ۾ جنن جي باقاعده حيثيت آهي، جڏهن ته جمهوري نظام فقط انسانن تائين محدود آهي. پاڪستان جي قيام ۾ ‘مسلمان جنن’ هڪ زبردست ڪردار ادا ڪيو هو. هاڻي انهن کي حڪومت کان محروم ڇو پيو رکيو وڃي!؟ جسٽس بديع الزمان جي مؤقف موجب لفظ ‘جمهور’ صرف انسانن تي لاڳو ٿئي ٿو، ان مان هڪ مطلب جنن جي وجود جو انڪار ڪرڻ پڻ آهي. پاڪستان جي اڳوڻي مذهبي معاملن جي وزير مرحوم ڪوثر نيازي پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ‘جنهين مين ني ديکا’ ۾ پاڪستان جي هڪ وڏي عالم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هن کي شڪ هو ته سندس گهر ۾ هڪ ‘جن’ رهي ٿو، جيڪو عاشقي معاشقي جي چڪرن ۾ ڦاٿل آهي. پوءِ هڪ ڏينهن ان عالم سڳوري ‘جن’ کي وڻ جي هڪ ٽاري پٽي آڻڻ جو چيو، جيئن تصديق ٿي سگهي ته هو ‘جن’ آهي، بعد ۾ وظيفو ڪري ان کي ڀڄائي ڇڏيو!
اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي وڏن عهدن تي فائز اهم شخصيتن کان عام ماڻهو شدت سان جنن جي وجود کي مڃي ٿو. ان ڪري ئي ته هڪ ڀيري عطيه دائود لکيو ته هوءَ جڏهن ٺٽي جي مشهور عامل مرحوم علي محمد جناتي سان ملڻ وئي ۽ ان جي جنن کان انٽرويو ڪرڻ چاهيو ته اهي ‘جن’ هن سان سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي ۾ ڳالهائي رهيا هئا!
‘جن’ شڪل جا ڪهڙا هوندا آهن؟ علي محمد بروهيءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ انهن جا نقش نگار بيان ڪيا هئا. خير جن شڪل جا ڪهڙا به هجن؟ هنن جو اسان جي زندگين ۾ وڏو عمل دخل آهي. سماج جي هر کاتي ۾ توهان کي ڪيترائي جن ملندا، جيڪي ڍيڍ آهن. ڍيڍ مان مطلب اهي جن، جيڪي انسانن کي نقصان رسائين ٿا ۽ اسان انهن کان ڪنهن به صورت ڇوٽڪارو حاصل نه ٿا ڪري سگهون! جنن جو وجود آهي يا ناهي؟ ظاهري طور معاشري ۾ ٻه مختلف رايا آهن. پاڻ جڏهن جنات جون ڳالهيون ڪريون ٿا ته مختلف سوال اڀرن ٿا، جن جو في الحال پاڻ وٽ ڪوبه جواب ناهي، سواءِ اڻپورين وضاحتن جي، سواءِ ان جي ته اسان جي سوسائٽي صدين جي سفر باوجود وهمن وسوسن ۾ ورتل آهي.