لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض کي قومي مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جو چيف سليڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو. وهاب رياض جي پهرين اسمائنمينٽ 14 ڊسمبر کان ست جنوري تائين ۾ آسٽريليا ٿيندڙ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۽ نيوزيلينڊ ۾ 12 کان 21 جنوري تائين پنج ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جي چونڊ ڪئي ويندي. پي سي بي موجب، وهاب رياض جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي سربراهه ذڪاءَ اشرف جو ٿورائتو آهي جنهن کيس ذميواري لاءِ مٿس اعتماد ڪيو.هن چيو ته ڪرڪيٽ جي معاملن ۾ اڳوڻن ڪرڪيٽرز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ساراهڻ جوڳو آهي ۽ هو پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.