دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي) ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ٻن بالن جي استعمال ۽ ڪنڪشن بابت قانون ۾ تجويز ڪيل تبديلين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪرڪ انفو موجب، قانون ۾ ڦيرڦار جي تجويز آءِ سي سي جي مينز ڪرڪيٽ ڪميٽي پيش ڪئي هئي، جنهن جي چيف ايگزيڪٽيو ڪميٽي منظوري ڏني. نوان ظابطا ٽيسٽ فارميٽ ۾ 17 جون، ون ڊي فارميٽ ۾ 2 جولاءِ ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ 10 جولاءِ کان لاڳو هوندا. موجود قانون موجب، مردن جي ون ڊي ميچن جي هر اننگز دوران ٻه نوان بال استعمال ٿيندا آهن، قانون ۾ تبديليءَ کانپوءِ هاڻي هر اننگز جي 34 هين اوور ۾ جي پڄاڻيءَ تائين ٻه نوان بال استعمال ٿيندا ۽ 34 هين اوور کانپوءِ بالنگ ٽيم انهن مان ڪنهن هڪ بال جي چونڊ ڪندي ۽ اِهو ئي بال 35 کان 50 اوورن تائين هلايو ويندو. آءِ سي سي موجب، قانونن ۾ تبديليءَ جو مقصد بيٽرن ۽ بالرن برابري جو موقعو ڏيڻ ۽ راند ۾ توازن قائم ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي آءِ سي سي ڪنڪشن پروٽوڪولز ۾ تبديلي ڪئي آهي. نئين پروٽوڪولز موجب، ٽيمون ميچ ريفري کي ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ خاص ڪردارن لاءِ رانديگرن جي متبادل جو نالو ڏينديون جن ۾ وڪيٽ ڪيپر، هڪ بيٽر، هڪ فاسٽ بالر، هڪ اسپنر ۽ هڪ آل رائونڊر شامل هوندو. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڀارت انگلينڊ خلاف چوٿين ٽي ٽوئنٽي ۾ بيٽنگ آل رائونڊر شيوم دوبي کي بالر هرشت رانا سان تبديل ڪيو هو، هرشت رانا ميچ ۾ 33 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون هيون. ان مقابلي کانپوءِ ميچ ريفري طرفان هرشت رانا کي کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ سوشل ميڊيا تي به ڪرڪيٽ شوقينن ۽ ماهرن راند جي شفافيت تي سوال اُٿاريا هئا.