نيوزلينڊ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته ون ڊي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ٽيم کان ڪافي بهتر آهي ۽ سٺن نتيجن جي اميد رکون ٿا، نيوز لينڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته ون ڊي ٽيم محمد رضوان ۽ بابر اعظم ۽ بهترين بالر سبب سٺي ٽيم آهي، قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته آسٽريليا ۽ آفريڪا جي سيريز وانگر فرينڊلي پچز تي فاسٽ بالر ڪامياب ٿيندا، حارث رئوف انهن پچز تي پاڻ کي بهتر ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، عاقب جاويد چيو ته نيوزلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز ٽيم لاءِ تمام ڏکيو هو، مون کي تمام گهڻي اميد آهي ته ٽي ٽوئنٽي جا رانديگر ايشيا جي پچن تي بهتر راند پيش ڪندا، هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته فخر زمان ۽ صائم ايوب جي اچڻ ۽ پي ايس ايل جي راند کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ٽيم بهتر ٿي ويندي.