لنڊن(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) هڪ ڏينهن جي فارميٽ ۾ بيٽسمين ۽ بالرن جي وچ ۾ مقابلي کي متوازن ڪرڻ لاءِ هڪ اننگز ۾ ٻن مختلف اينڊن کان ٻه مختلف بال استعمال ڪرڻ جي قاعدي کي تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.خبر موجب گذريل هفتي هراري ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي جي اجلاس ۾ هڪ تجويز پيش ڪئي وئي هئي، جنهن مطابق اننگز جي 35 هين اوور کان پوءِ هڪ بال استعمال ڪئي ويندي. هي تجويز اڳوڻي هندستاني ڪپتان سورو گنگولي جي سربراهي ۾ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ڪميٽي پاران بورڊ جي سربراهن کي پيش ڪئي وئي. تجويز موجب، هر اننگز ٻن بالن سان شروع ٿيندي، پر فيلڊنگ سائيڊ کي اهو اختيار هوندو ته هو 34 هين اوور کان پوءِ باقي اوور لاءِ ٻن بالن مان ڪهڙي کي بال ڪرڻ جو انتخاب ڪري. جيڪا بال نه چونڊي ويندي، ان کي اضافي بال طور رکيو ويندو. ڪرڪيٽ ڪميٽي 25 اوورن کان پوءِ بال کي تبديل ڪرڻ جو خيال پيش ڪيو هو، جيڪو ڪميٽي ميمبرن قبول نه ڪيو. ڪرڪيٽ بورڊ هن مهيني جي آخر تائين ان تي پنهنجا رايا پيش ڪندا ۽ جيڪڏهن اتفاق ٿي ويو ته جولاءِ ۾ آءِ سي سي جي سالياني جنرل ميٽنگ ۾ قانون کي آخري شڪل ڏني ويندي.