ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي

0
32
ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي
ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي

سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي، وزيراعظم شهباز شريف ون واٽر سمٽ جي موقعي تي سعودي جي ولي عهد سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران علائقائي سڪيورٽي سميت غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي پاڪستان دوري جي دعوت ڏني، وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهباز شريف سان ڇهن مهينن اندر پنجين ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام کي اجاڳر ڪيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ۽ سيڙپڪاري جي معاهدن تي عملدار جي رفتار تي اطمينان ظاهر ڪيو.