وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت

0
165
ڍڳو پير پيران...........!!

  گورنمينٽ ۾ رهڻ وارو وقت هر ڌر جي لاءِ گهٽ هوندو آهي. ڀلي ڪا سياسي پارٽي پنهنجا پنج سال پورا ڪري يا ڪوئي آمر ڏهن سالن تائين ورديءَ ۽ ڪرسيءَ سان چنبڙيو پيو هجي.پر اهو فارمولو ميان شهباز شريف جي هن حڪومت تي فٽ نه ٿو اچي. ميان شهباز شريف وٽ واقعي وقت گهٽ آهي. هو هڪ بحراني وزير اعظم آهي. هن جي حڪومت ڪنهن به وقت ايئن ڪاٽا ٿي سگهي ٿي، جيئن بسنت جي ميلي ۾ لاهور جي آسمان تي لغڙ ڪاٽا ٿي ويندا آهن. پر ڇا پاڪستان ۾ ڪنهن جي حڪومت به ايتري پختي رهي آهي، جو هن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جي پڪ هجي!

  پوري دنيا ۾ مضبوط حڪمران پسند ڪيا ويندا آهن پر اسان جو ملڪ ان دنيا ۾ شامل ناهي. پاڪستان ۾ ڪمزور پرائم منسٽر اسٽيبلشمينٽ کي سدائين عزيز رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ميان نواز شريف جو ڀاري مئنڊيٽ هن جي لاءِ مصيبت جو باعث بڻجي ويو ۽ هن جو ننڍو ادو اڻ پوري قومي اسيمبليءَ جي هوندي به ملڪ جو وزير اعظم بڻجي هلي رهيو آهي. هڪ اهڙو وزير اعظم جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي کي انتظار آهي.

وزير اعظم شهباز شريف اقتدار ۾ رهڻ لاءِ ۽ احتساب کان بچڻ جي لاءِ هر ڪاغذ تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر هن گذريل ڏينهن جيڪو نوٽيفڪيشن ڪڍيو آهي، اهو تيل جي قيمت وڌائڻ واري فيصلي کان وڌيڪ تلخ فيصلو هو. ان فيصلي سبب نه رڳو عمران خان جا ستايل سياسي ۽ صحافتي حلقا هن جي حمايت ڪرڻ کان قاصر آهن پر خود هن جي پارٽيءَ جي انهن اڳواڻن کي سخت صدمو پهتو آهي، جيڪي ميان نواز شريف جي “ووٽ کي عزت ڏيو” واري نعري کي پنهنجو سياسي نظريو بڻائي هلي رهيا هئا. هاڻي مريم نواز ڪيئن هٿ لهرائي اهو نعرو هڻائيندي؟

شهباز شريف پاران ملڪ جي جڳ مشهور ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ کي سول ملازمن جي اسڪروٽني ڪرڻ ۽ انهن جي مقرريءَ ۽ ترقيءَ جي باري ۾ آفيشل رپورٽ پيش ڪرڻ جو اختيار ملڻ کان پوءِ ڇا اهو حساس ادارو عملي طور تي خفيا رهي سگهندو؟ هونئن ته فوج توڙي دفاع واري وزارت ۾ ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي ان اداري جي آفيشلي نظر هوندي آهي. پر هاڻي جڏهن ملڪ جي هر سول آفيسر جي باري ۾ معلومات ڪٺي ڪرڻ جي ڊيوٽي آءِ ايس آءِ جي سپرد ڪئي وئي آهي ته ان جا ملڪ جي انتظامي ڍانچي تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ڇا ان فيصلي سان اسان جي سول ادارن ۾ موجود ڪرپشن گهٽ ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا؟ پر ان سلسلي ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪرپشن صرف سوال ادارن ۾ آهي؟

ميڊيا ۾ هن مهل تائين ان فيصلي جي سلسلي ۾ معلومات نه آئي آهي ته اهڙو فيصلو ڪرائڻ لاءِ وزير اعظم کي چيو ويو هو يا وزير اعظم ان قسم جو فيصلو پاڻ ڪيو آهي. اهو فيصلو جنهن تي هن مهل تائين عمران خان جو تلخ ۽ طنز ڀريو موقف سامهون نه آيو آهي. جڏهن ته عمران خان شهباز شريف کي سرعام جنهن لقب سان پڪاريندو رهيو آهي، ان جو پتو پوري پاڪستان آهي. پر سوال اهو آهي ته جيڪو الزام عمران خان شهباز شريف جي مٿان هڻي رهيو آهي، اهو الزام خود هن جي مٿان لاڳو ناهي؟ ڇا هن اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار ۾ رهڻ جي لاءِ اهو ڪجهه نه ڪيو، جيڪو ڪجهه هن ملڪ جا اڪثر وزير اعظم ڪندا رهيا آهن!

اهو عمران خان هجي يا ميان نواز شريف، انهن کي اسٽيبلشمينٽ جو غيرجمهوري قدم صرف ان وقت نه وڻندو آهي، جڏهن ان قدم سبب هو اقتدار مان آئوٽ ٿين. اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي مک مٿان ڏک جو تاثر آڻي، پڇا ڪندا وتندا آهن ته “مجهي ڪيون نڪالا؟” ڪالهه اهو سوال ميان نواز شريف جي چپن تي هو ۽ اڄ اهو سوال عمران خان جي زبان تي آهي. عمران خان ڀلي پاڻ کي ملڪي سياست جو هيرو بڻائي پيش ڪندو هجي پر اهو عمران خان ئي هو، جيڪو پنهنجي مخصوص اعتماد سبب اسٽيبلشمينٽ جا نالا کڻي انهن جي تعريف ڪندو هو. جڏهن ته ٻيا سياستدان اسٽيبلشمينٽ جو ذڪر ان انداز سان ڪندا آهن، جنهن انداز سان اڳوڻي زماني ۾ زالون پنهنجن ٻارن جي پيئرن جا نالا نه وٺي سگهنديون هيون.

پاڪستان جي سياسي بدقسمتي اها رهي آهي ته هتي ڪنهن به پارٽيءَ اقتدار کي اصولن سان مشروط نه ڪيو آهي. اهو ڪالاباغ ڊيم هجي يا ڪابل ۾ طالبان جي حڪومت تسليم ڪرڻ، ايٽمي ڌماڪا هجن يا فوج جي هر فيصلي تي آمنا صدقنا ڪرڻي هجي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي معلوم آهي ته ان جي مٿان جيڪا به تنقيد ڪئي وڃي ٿي، اها اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش آهي. جڏهن اقتدار پرست سياستدان محسوس ڪندا آهن ته انهن  جي بيانن جو نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي يا انهن سان احتساب جي معاملي ۾ ڪا رعايت نه ٿي ڪئي وڃي ته هو ميان نواز شريف وانگر راتو رات نظرياتي بڻجي ويندا آهن.

ميان نواز شريف جي هٿن تان نظرياتي هجڻ جي ميندي لٿي اڃان ته ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن. ڪڏهن پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي ايم جي جلسن ۾ ايترو گهڻو فرق به نه هوندو هو پر جڏهن عمران خان سان اسٽيبلشمينٽ جا اختلاف تکا ۽ تيز ٿيا، تڏهن اسان سڀني ڏٺو ته ڪهڙي طرح “ووٽ ڪو عزت دو” وارو سياسي فلسفو ڪنهن ڦوڪڻي وانگر پاڻ ۾ ڀريل هوا کان محروم ٿي ويو. هن وقت به ميان نواز شريف توڙي هن جي شعله بيان ڌيءَ مريم نواز جهڙي طرح چپ آهن، ان خاموشيءَ ۾ خار جي هوندي به هڪ قسم جي خوشيءَ جو احساس آهي.

عمران خان ۽ هن جي حامين کي به ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان نظرياتي ۽ سياسي اختلاف ان مهل نظر آيا، جڏهن عمران خان کي ڪرسيءَ کان زوريءَ زبردستيءَ جدا ڪيو ويو. هو جيڪو آخر تائين اقتدار سان چهٽيو پيو هو، هن کي هٽائڻ لاءِ آڌي رات جو عدالت قائم ڪئي وئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اقتدار سان آخري پل تائين چنبڙي پوڻ جو اهڙو ٻيو مثال پيش ڪرڻ مشڪل آهي. عمران خان جي سوشل ميڊيا تي اسٽيبشليمنٽ جي خلاف جيڪو تنقيدي طوفان پيدا ٿيو ۽ هن جي جلسن ۾ جهڙي طرح نعرا لڳا، ان سان ته عمران خان به گهٻرائجي ويو.

هن وقت به عمران خان ڇا ڪري رهيو آهي؟ عمران خان هن وقت به هر جلسي ۾ فوج ۽ سپريم ڪورٽ کي مداخلت ڪري حڪومت هٽائڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جون اپيلون ڪري ٿو. جڏهن ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين جي مطابق ان قسم جو مطالبو ڪرڻ سخت سزا جوڳو عمل آهي. اوهان سپريم ڪورٽ کي ته سڏ ڪري سگهو ٿا. اوهان ملڪي عدليا کان ته انصاف گهري سگهو ٿا پر اوهان  فوج کان مداخلت جو مطالبو نه ٿا ڪري سگهو. ڇو ته ملڪ جي آئين ۾ ان قسم جي مطالبي ڪرڻ جي سخت منع ٿيل آهي. هونئن به ملڪي فوج گهڻي ڪافي وقت کان وٺي بار بار اهو ورجائي رهي آهي ته “فوج کي سياست ۾ نه ڇڪيو وڃي” پر عمران خان ته ملڪي سياست جو سڪيلڌو ٻار آهي. هڪ اهڙو دادلو پٽ، جنهن کان هن جا سياسي مخالف سڙن ٿا. جڏهن ته جمهوريت جي اصل تقاضا اها آهي ته ان قسم جي ڪردارن تي نه صرف تنقيد ڪرڻ گهرجي پر انهن تي افسوس جو اظهار به ڪرڻ گهرجي. پر سياست جا اها معيار ۽ اهي ماپا ڪٿي رهيا آهن؟ ڪڏهن سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ نوازي هڪ سخت قسم جي ۽ انتهائي ناقابل برداشت گار سمجهي ويندي هئي پر اڄ اهو اعزاز آهي. سياستدان ان تي ناز ٿا ڪن ته انهن جي مٿان اسٽيبلشمينٽ جي خاص نظرِڪرم آهي.

پاڪستاني سياست جي غيرجمهوري لڇڻن ۾ سڀ کان وڏو عنصر اهو ئي آهي ته اسان وٽ هڪ ريس آهي، هڪ مقابلو آهي، سخت قسم جي ڪامپٽيشن آهي ته ڪير اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ خوش ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن اهو عمل طعنو هوندو هو. پر هاڻي اهو فخر جوڳو احساس ۽ اظهار آهي. جهڙي طرح شاهه لطيف لکيو آهي:

“آئون طعني سوڌي تنهنجي، تون طعنو ئي مون

سو ڪجهه سريو سون، سرتين جيڪو نه سريو”

ملڪي سياست ۾ اهو مهڻو هاڻي مانُ بڻجي ويو آهي. ان الزام جو هاڻي هڪ خاص شانُ آهي. اهو ريت جيڪا ڪڏهن ڪريت سمجهي ويندي هئي، ان کي هاڻي ڪاميابيءَ جي ڪنجي سمجهيو وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ به هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن اقتدار عوام جي معرفت ماڻڻ ۾ هڪ وڏي مسرت محسوس ڪئي ويندي هئي پر ان رستي کي ڇڏي اقتدار لاءِ جيڪو شارٽ ڪٽ ايجاد ڪيو ويو، هو ان جا نتيجا آهن. هاڻي انهن رستن تي هلڻ ۾ ڪوئي عيب محسوس نه ٿو ڪري. ملڪي سياست هڪ حمام نه ته گهٽ ۾ گهٽ حرم ضرور آهي. جهڙي ريت ترڪيءَ جي پيش ٿيندڙ ٽي وي ڊرامن ۾ سلطان جي حرم جي سياست وڏي دلچسبيءَ سان ڏٺي ويندي آهي. جهڙي طرح اها ڪنيز سڀ کان وڌيڪ خوشنصيب سمجهي ويندي آهي، جيڪا سلطان جي دل لڀائي سگهي. ساڳي طرح ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي وفا ۽ هر طرح سان خوش ڪرڻ واريون پنهنجيون خدمتون آفر ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو عار نه ٿو سمجهيو وڃي. وڏي ڳالهه ته هاڻي اهي سياسي ۽ صحافتي حلقا به ان روش تي تنقيد نه ٿا ڪن، جن کي ڪڏهن پنهنجي نظرياتي هجڻ تي ناز هوندو هو.

ڏاها چوندا آهن ته “روايت کان وڏو ڪو به قانون نه هوندو آهي” پاڪستان ۾ اهو قانون ناهي ته اقتدار جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي راضي، خوش ۽ مطمئن ڪيو. پر هاڻي  اها روش هڪ مضبوط روايت بڻجي رهي آهي. ان تي اعتراض ڪرڻ وارن کي “احمق” هجڻ جا اعزاز ملي رهيا آهن. اقتدار جي لاءِ اڪثر ته ڇا بلڪه هر سياستدان پنهنجي ڪلهن تي ان ملامت جو بار کڻڻ  ۾ هڪ مسرت جوڳو فخر محسوس ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ان حلقي ۾ ڪا پريشاني آهي به ته صرف ۽ صرف اها“وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت آهي”

مرزا غالب ڪيترو نه قهر جو شعر لکيو آهي:

“دل ڦر طواف ڪوءِ ملامت ڪو جائي هي

پندار ڪا صنم ڪنده ويران ڪيي هوئي”