وقت جي اهميت ۽ اسان جا رويا

0
344
وقت جي اهميت ۽ اسان جا رويا

 زندگي ڪنهن بي ترتيب، بي معنيٰ، لاحاصل ۽ لا محدود لقاءَ ۽ اجائي عمل جو نالو نه آهي پر اها مختصر وقت لاءِ ماڻهوءَ کي مليل اهڙي مهلت ۽ موقعي جو نالو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي عقل ۽ فهم جي بنياد تي واضح ڪيل اعليٰ آدرشن ۽ اصولن جي پيروي ڪندي قول، فعل ۽ ڪردار جي سچائي وسيلي نه رڳو پنهنجي ڪايا پلٽي سگھي ٿو پر پنهنجي قوم جي قسمت ۾ به خوشگوار تبديلي آڻي تاريخ ۾ ڪيترن ئي سونهري بابن جو اضافو ڪري سگھي ٿو.

                 حقيقت هي آهي ته انسان ۽ حيوان جي زندگين ۾ فرق صرف ايترو آهي ته انسان عقل جي املاڪ سان نوازيل آهي، جنهن کي استعمال ڪري هو پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق زندگيءَ کي معنيٰ ۽ مقصد ڏئي ان ۾ ڪيترا ئي خوبصورت رنگ ڀري سگھي ٿو. جڏهن ته جانور عقل ۽ سوچ واري سهولت کان وانجهيل هجڻ ڪري حالتن جي هٿ وس رهي ٿو. هو فطرت جي فولادي ديوار کي اورانگھي حاضر حالتن پٽاندڙ ڪي قاعدا ۽ قانون يا اصول ۽ ضابطا جوڙي انهن تي عمل ڪري پنهنجي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري نه ٿو سگھي پر مليل بري يا ڀلي ماحول ۾ زندگي گذارڻ جو پابند رهي ٿو. ان جي ابتڙ انسان پنهنجي زندگيءَ کي بهتر، سڦل ۽ ڪارج وارو بڻائڻ لاءِ هر دور ۾ حالتن ۽ ماحول مطابق ڪي اصول، ڪي قدر، قانون، ضابطا ۽ حدون مقرر ڪري انهن جي روشنيءَ ۾ زندگي کي ڪارائتو، بامعنيٰ ۽ بامقصد بڻائڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي. انسان جي اهڙن اعليٰ سماجي قدرن، اصولن ۽ قاعدن ۾ “وقت” پڻ اهم جاءِ والاري ٿو.

وقت جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ الله تعالي قرآن پاڪ جي سوره العصر ۾ وقت جو قسم کڻي فرمائي ٿو ته نيڪ عمل نه ڪندڙ انسان خساري ۾ آهي. حديث پاڪ ۾ سٺن عملن ۽ صحت  لاءِ استعمال ٿيندڙ وقت کي نعمت سڏيو ويو آهي. سماجي مفڪرن وقت جي اهميت جو اعتراف ڪندي نه رڳو پاڻ ان جو صحيح استعمال ڪيو آهي پر ايندڙ نسلن لاءِ پڻ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ مثال ڇڏي ويا آهن، جيڪي اسان کي هر قدم تي وقت جي اهميت کان آگاهه ڪندا رهن ٿا. مثال طور ڪجهه هي چوڻيون پڙهو؛ “وقت نشتر به آ، وقت مرهم به آ”، “وقت چوي آئون بادشاهه”، “وقت ۽ وِيرَ ڪنهن لاءِ انتظار نه ڪندا آهن”، “وقت وڏو استاد آهي”، “وقت سرمايو آهي”، “وقت جو زيان خودڪشيءَ جي برابر آهي”، “جيڪو وقت ضايع ڪندو، وقت به ان کي ضايع ڪري ڇڏيندو آهي”، “ويل وقت واپس نه ورندو آهي”. مطلب ته وقت فطرت جو اهڙو لقاءُ آهي، جيڪو بنا ناغي ۽ وقفي جي پنهنجو سفر جاري رکي اڳتي وڌندو رهي ٿو. انسان پنهنجي سهولت لاءِ ان کي سيڪنڊن، منٽن، ڪلاڪن، ڏينهن، هفتن، مهينن، سالن ۽ صدين جي سرحدن ۾ ورهائي ان مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. تاريخ ۾ جن به انسانن وقت جي انهن حدبندين جو قدر ڪندي ان کي صحيح طريقي سان ۽  مثبت عمل ۾ استعمال ڪيو آهي، اهي تاريخ ۾ هميشه امرتا ماڻي ويا آهن، پر جن ماڻهن وقت جي اهميت کان انڪاري ٿيندي ان کي ضايع ڪيو آهي، اهي وقت جي تيز رفتار گھوڙي جي سنبن مان اٿاريل ڌوڙ ۾ لٽجي پاڻ به هميشه لاءِ ضايع ٿي ويا آهن. ڀٽائي سائين اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ هن طرح هوشيار ڪري ٿو:

دنگيءَ ۾ داڻا وٺي وجهه وکر جا،

وير وڙهنديئي ويسرا، ويهه ۾ ويڳاڻا،

هيءَ ننڊ نه ڄاڻان، ڪڏهن هڻندئي ڪُن ۾.

اسان هڪ قوم جي حيثيت سان  عظيم تاريخي راويتن ۽ شاهوڪار ورثي جي مالڪ هجڻ باوجود به ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن، زيادتين ۽ ناانصافين جي المين جو شڪار رهيا آهيون. موجوده سنڌي سماج جي ٻين ڪيترن ئي المين مان وقت جي ناقدري وارو رجحان پڻ هڪ المناڪ الميو بڻيل آهي. دنيا جون ترقي يافته قومون وقت جي هر هڪ لمحي، سيڪنڊ، منٽ ۽ ڪلاڪ جو حساب ڪتاب رکنديون آهن پر اسان اهڙي حساب ڪتاب کي پنهنجي قدمن هيٺان چٿي وقت جي تيز وهڪري مان موتي لعل ميڙڻ کان قاصر رهجي ويا آهيون. اسان جي سماج ۾ “وقت” سان ٿيندڙ بي رحماڻي واردات ۽ ظالماڻي رَوَش جا واقعا اوهان کي سڄو ڏينهن ڏسڻ لاءِ ملندا. اها ڪا آفيس هجي يا ڪا اسپتال، ريلوي اسٽيشن هجي يا ايئر پورٽ، گھر هجي يا گھٽي، ميٽنگ هجي يا محفل، جلسو هجي يا جشن، شاديءَ جي دعوت هجي يا ڪا ادبي تقريب، سياسي، سماجي، ثقافتي سرگرمي هجي يا کڻي ٻيو ڪهڙو به موقعو هجي پر اتي مقرر ٿيل وقت جي لتاڙ ۽ ان جو زيان اسان جي فيشن، رواج، ريت ۽ عادت ۾ شمار ٿي ويو آهي. اسان جو اهڙو غير ذميواراڻو رويو اسان پاران وقت سان روا رکيل بي واجبيءَ واري رويي کي بي نقاب ڪندو اسان کي لاپرواهه ۽ عدم دورانديش ثابت ڪندو رهي ٿو. ڪنهن به هنڌ مقرر ٿيل ٽائيم تي پهچڻ ۽ وقت اندر ڪمن ڪارين جي اڪلاءَ واري عادت اسان جي سماج مان نڪرندي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وقت جي ڊوڙ ۾ ٻين سماجن کان پوئتي رهجندا وڃو ٿا. “وقت” سان اهڙي لاپرواهيءَ واري واٽ جو نتيجو اسان ڪيترن ئي مسئلن، مونجهارن ۽ مشڪلاتن جي صورت ۾ ڀوڳيندا رهون ٿا.

ٿڌي دل سان جائزو وٺڻ سان خبر پوندي ته اسان جو هر مقرر ٿيل ڪم وقت کان لاپرواهي جي ڪري ليٽ جو شڪار ٿيو وڃي. اسٽيشن تي ريل مقرر وقت کان پوءِ پهچندي ۽ هلندي، سرڪاري فائيل هڪ ٽيبل کان ٻي ٽيبل تائين پهچڻ ۾ ڏينهن لڳائي ڇڏيندو. مصيبتن جي ماريل ماڻهن کي جيڪڏهن ڪنهن امداد جو آسرو ملندو به ته ان جي رفتار ايتري ته سست هوندي، جو وٽن وقت سر نه پهچي سگھندي. آفيس ۾ صاحب، اسپتال ۾ ڊاڪٽر، محفل ۾ مهمان خاص ۽ ميٽنگ ۾ ميمبر دير سان پهچڻ کي پنهنجي مهانتا جو بنياد سمجهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ وقت جي شڪل ۾ عظيم سرمايو اسان جي هٿن مان واريءَ وانگر وهندو اسان کي سماجي، تعليمي، معاشي ۽ سياسي طور تي ڪنگال ڪندو رهي ٿو ۽ اسان هر ضايع ٿيندڙ ڏينهن ۽ پل ۾ ڪمزور ٿيندا دنيا ۾ ترقيءَ لاءِ ٿيندڙ ڊوڙ ۾ پوئتي رهجندا وڃون ٿا. وقت جو پلاند ائين ئي ٿيندو آهي. جيڪڏهن وقت کي ضايع ڪبو ته اهو به اسان کي ضايع ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏيندو. تنهنڪري اسان کي هڪ قوم توڙي فرد جي صورت ۾ وقت جي گھوڙي جي واڳن کي مضبوطيءَ سان جھلي ان تي هڪ ڦڙت، حاضر دماغ ۽ همٿ ڀرئي شهسوار جيان سواري ڪري پنهنجي زندگيءَ جي هر پل ۽ لمحي کي ڪارج وارو بڻائيندي منزلن طرف وڌڻ گھرجي.