ھر ڪمال پنهنجي فطري زوال طرف وڌندو آھي. اھو فطرت جو قانون آھي. ان کي ڪو تبديل ڪري نه ٿو سگھي. اھي ايجادون جن کي ابتدا ۾ جادو سڏيو ويو، اھي اڳتي ھلي ڪٻاڙيءَ جي دڪانن تي نظر آيون. اھي شخصيتون جن جي جھلڪ ڏسڻ لاءِ شھر اڀي پير بيٺل ھوندا ھئا، حالتن جون ھوائون انهن کي ڪک پن بڻائي ويون. اھي نظريا جن تي جانيون قربان ٿيون، سي وقت جي وھڪري ۾ وھي ويا. جڏھن ته تهذيبن جو عروج به زوال جو شڪار ٿيو ته پوءِ سياسي پارٽين جو ڪل وزن ڪيترو؟ موھن جو دڙو ھن مھل تائين صرف اسان لاءِ نه پر پوري دنيا لاءِ ھڪ سوال آھي. ساڳي طرح سان يوناني تهذيب جو زوال برٽينڊ رسل جھڙي سراپا دماغ دانشور کي به سمجھ ۾ نه اچي سگھيو. ھن ان شڪست جو اعتراف پنهنجي جڳ مشھور ڪتاب History of Western Philosophyجو مھاڳ لکندي کليل دل سان ڪيو آھي. انسان جو ذھن حيرت جو جزيرو بڻجي وڃي ٿو، جڏھن ھو سوچي ٿو ته جنهن يونان سقراط، افلاطون، ارسطو، ٿيلز، پيٿاگورس ۽ ھيراڪليٽس جھڙا ھيرا پيدا ڪيا. جنهن يونان ھومر کي جنم ڏنو. جنهن يونان اليگزينڊر جھڙو نوجوان جنرل پيدا ڪيو. جنهن يونان سائنس ۽ آرٽ جا عظيم بنياد وڌا. اھو يونان اھي تاريخ جو تماشو ٿي وڃي. اھو يونان پاڻيءَ ۾ پتاشو بڻجي وڃي!! ڪو سوچي به نه ٿي سگھيو. پر اھو ٿيو. ۽ نه صرف يونان سان ٿيو پر يونان کان پوءِ روم سان به ٿيو. ڇا روم ۽ ڇا رومن امپائر! ڇا ان جا قانون ۽ ڇا ان جو آرڪيٽيڪچر ۽ ڇا ان جو ڪلچر!! پر اھو سڀ ڪجھ فنا ٿي ويو. اڄ ڪجھ ميساريل منارا ۽ ڀڳل ٽٽل بت آھن، جن جي ڀرسان بيھي ماڻھو تصويرون ڪڍن ٿا.
روس جو آڪٽوبر انقلاب ڇا ھو؟ اڄ ڏينهن تائين ڪتاب ان جي فھم ۽ فڪر جو احاطو نه ڪري سگھيا آھن. اڄ ڏينهن تائين ان جي منظرن جي عظيم شعر به مڪمل طور تي پاڻ ۾ سمائي نه سگھيا آھن. پر جڏھن يلسن جھڙي پيلي ٽنڊڻ جي قيادت ۾ اھو عظيم انقلاب تالان والان ٿي ويو ته دنيا حيرت ۾ حيران ٿي وئي. اھي مجسما جن کي ڪڏھن روسي پنهنجون سرخ ٽوپيون لھرائي سلام ڪندا ھئا، جڏھن انهن کي رسن سان ڪيرائي انهن کي ھٿوڙن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ٿي ويو ته پوري دنيا ۾ ھڪ فڪري ڀونچال برپا ٿي ويو. روس جو انقلاب ۽ رد انقلاب ته اڃان به وڏي بحث جو موضوع ٿي سگھي ٿو پر ھٽلر جو دور ڇا ھو؟ ڇا ته دھشت ھئي، ھٽلر جي! پوري قوم کي پاڳل ڪندڙ اھو اڳواڻ جيڪو پنهنجي قد بت ۽ جوڙ جھلڪ ۾ ڪنهن به طور تي پرڪشش نه ھو پر ھو پوري قوم کي پنهنجي پويان لڳائي يورپ کي لھوءَ جي نديءَ ۾ غوطا کارائڻ لڳو ۽ اھا قوم به ڪا تاتارين ۽ ھُنن جھڙي وحشي قوم نه ھئي. اھا ڪا جاھل ۽ بي دماغ قوم نه ھئي. اھا جرمن قوم ھئي، جنهن ھن وقت تائين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ذھين مفڪر ۽ ماھر پيدا ڪيا آھن. ان قوم کي پنهنجي اشارن تي ھلائڻ چلائڻ وارو شخص تاريخ جي گٽر ۾ مئل ڪيڙي جيان نظر آيو.
مٿيان مثال ته تاريخ جا تعجب ۾ وجھندڙ مثال آھن. انهن جو موازنو اسان ننڍڙن لقائن سان ڪنهن به طرح ڪري نه ٿا سگھون. پر اھو ڪجھ ٿيو ۽ ڀرپور طرح سان ٿيو. پري ڇو وڃون، اسان جي ملڪ جي پراڻو اڌ، جيڪو ڪالھ اوڀر پاڪستان ھو ۽ اڄ بنگلاديش آھي، ان جي آزاديءَ جي سرواڻ سياسي پارٽيءَ جو ڪھڙو حشر ٿيو؟ اھو شيخ مجيب جنهن کي سڪ اڪير ۽ عزت آبرو سبب بنگلا بندھو سڏيو ويندو ھو، ان جي مجسمن سان جيڪي توھين آميز حرڪتون ٿيون، اھي اسان جي آڏو آھن. ھن جي ڌيءَ ھن مھل به ڀارت ۾ سياسي پناھگير بڻيل آھي. جڏھن اھڙا عظيم واقعا دنيا جي ٻين ديسن جون تاريخون تبديل ڪري سگھن ٿا ته پوءِ پيپلز پارٽي ڪھڙي باغ جي موري آھي؟
اھا پيپلز پارٽي جيڪا قائد اعظم کان پوءِ قائد عوام سڏيو ويندڙ شخص پاران وجود ۾ آندي وئي. جنهن پارٽيءَ پاڪستان جي تاريخ ۾ ھڪ تمام طويل سفر ڪيو. جيڪا پارٽين جيلن ۽ ريلن ۾ رھي. جيڪا پارٽي پاڪستان جي ٺاھڻ ۾ ته شريڪ نه ھئي پر ن پارٽيءَ جي اھا دعويٰ رھي آھي ته ھن پاڪستان کي بچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. جيتوڻيڪ ان پارٽيءَ مٿان ملڪ کي ڊاھڻ جا تهمتون به لڳنديون رھيون آھن پر ان پارٽيءَ جي ڪردار کي ڪنهن به طرح نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. اھا پارٽي جنهن جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف ايم آر ڊي جھڙي تاريخي تحريڪ ھلائي، اڄ ان پارٽيءَ جو پنهنجو سياسي وجود سواليه نشان بڻجي ويو آھي. ڇا اھا ڳالھ نوٽ ڪرڻ جھڙي ناھي ته حامد مير جھڙو پرو پيپلز پارٽي جرنلسٽ اسلام آباد ۾ ويھي اھو ڏسي سگھي ٿو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف ايم آر ڊي جھڙي تحريڪ وجود وٺي رھي آھي.
حامد مير جي حوالي سان ڪير نه ٿو ڄاڻي ته ھو پيپلز پارٽيءَ سان ڪيترو قريب رھيو آھي. ذاتي حوالي سان به ۽ سياسي حوالي سان به! ھن پيپلز پارٽيءَ جي ويجھو ويندي ڪيترائي ڀيرا پنهنجيون پروفيشنل حدون به اورانگھيون آھن. جڏھن ته ھو اڪليو ان ڏوھ جو ڏوھاري ناھي. پاڪستان جا اڪثر صحافي ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ جي ڀري يا ڀاڪر ۾ رھيا آھن. حامد مير بينظير ڀٽو کان وٺي بلاول تائين پيپلز پارٽيءَ سان پنهنجي سھسين سڱ ڳڻائي سگھي ٿو. جڏھن ته صدر زرداريءَ سان ھن جي بي تڪلف قربت مٿان موصوف ڪڏھن پاڻ به پردو نه وڌو آھي. اھو ھڪ الڳ موضوع آھي ته پيپلز پارٽيءَ سنڌي صحافين کي ھاريءَ وانگر ڊِيل ڇو ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ پنجابي صحافي ايتري عزت ۽ اھميت جو سبب ڇو آھن؟ پر اڄ پنجاب جا اھي پ پ نواز جرنلسٽ جيڪي پ پ مان مفاد حاصل ڪرڻ ۾ اڳرا اڳرا ھئا، اڄ انهن جو انداز اردوءَ جي ان شعر جھڙو ٿي ويو آھي ته:
”اب نزع ڪا عالم ھي مجھ پر، تم اپني محبت واپس لو
جب ڪشتي ڊوبني لگتي ھي، تب بوجھ اتارا ڪرتي ھين“
ھن وقت ميڊيا ۾ اھو سوال سگھارو ٿي رھيو آھي ته ڇا اھا سياسي ٻيڙي ٻڏي رھي آھي، جيڪا ڪافي وقت کان وٺي صرف سنڌ ۾ ترندي رھي آھي. جڏھن ته ان سياسي ڪشتي جا پنجاب ۾ به پتڻ رھيا آھن. پيپلز پارٽيءَ جي نالي واري سياسي ڪشتيءَ جي حوالي سان ته تاريخ تمام گھڻو مواد پيش ڪندي رھي آھي ته ان ڪشتيءَ جي سموري جوڙجڪ پنجاب ۾ ٿي ھئي. اھا پارٽي جيڪا پيدا ئي پنجاب ۾ ٿي ھئي، ان پارٽيءَ جا پنجاب ۾ ڪيترا پتڻ ڳڻجن. اھو به وقت ھو، جڏھن لاھور توڙي پنڊيءَ جي رستن تي ڍول جي ٿاپ تي اھي وڏي واڪي جيالا جھمري پائي پڪاريندا رھندا ھئا ته، “ڀٽو دي نعري وجڻ گي”. ڇا سياسي ذھن ڪنهن به طرح سان فراموش ڪري سگھن ٿا ته جڏھن ايم آر ڊي کان پوءِ پنهنجي طويل جلاوطني ختم ڪري بينظير ڀٽو واپس وري ھئي ته ھن جو تاريخي استقبال لاھور ۾ پنجاب جي جيالن ڪيو ھو. ۽ جڏھن بينظير ڀٽو جي سياست ۾ آصف زرداريءَ جو ڪردار وڌڻ لڳو ته پيپلز پارٽيءَ کان فاصلو اختيار ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳرو پنجاب نظر آيو. اھو پنجاب جنهن کي فتح ڪرڻ لاءِ بلاول ڪيترائي ڀيرا ڪوششون ڪيون آھن پر پيپلز پارٽي پنجاب کي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنهنجو ڪرڻ جي واري ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي نه سگھي آھي. اھوئي سبب آھي ته گذريل ٻن ڏھاڪن کان وٺي صرف سنڌ تائين محدود ٿيندي رھي آھي. ھاڻي ته ھن جا ساھ پساھ صرف سنڌ ۾ آھن پر چوڻ وارا چون ٿا ته اھا پارٽي جنهن کي سنڌ جو ساھ سڏيو ويندو ھو، اھا پارٽي ھاڻي وقت جي وينٽيليٽر تي آھي.اھو تبصرو سوشل ميڊيا جو شوشو ناھي. اھو سچ آھي. ڪنهن به قسم جي ذاتي رنجش ۽ رقابت جي ملاوٽ کان مڪمل پاڪ ھڪ صاف ۽ سادو سچ آھي ته سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان پنهنجا پاند الڳ ڪرڻ جو نه صرف اصولي فيصلو ڪري چڪي آھي پر اھا پنهنجي بيزاريءَ جو برملا اظھار به ڪري رھي آھي. ۽ اظھار ۾ صرف اھي فرد شامل ناھن، جن جي ھٿن ۾ ڳاڙھا جھنڊا آھن پر سنڌ جا عام ماڻھو، بلڪل عام ۽ اٻوجھ ماڻھو! اھي ماڻھو جيڪي ڪالھھ تائين اھو چوندا ھئا ته “سائين! اسان جو سياست سان ڇا؟” اڄ اھي ماڻھو به پنهنجي درياھ جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ ڪڏي پيا آھن ۽ انهن جي چپن تي پيپلز پارٽيءَ خلاف اھڙا ٻول آھن، جيڪي اخبار ۾ جيئن جو تيئن پيش به نه ٿا ڪري سگھجن.
اھا ٻيڙي جنهن جي مٿان تير وارو جھنڊو لڳل آھي، اھا ٻيڙي سنڌوءَ جي عوامي سير ۾ غرقاب ٿي رھي آھي. ممڪن آھي ته اھڙا لفظن تي اھي تبصرا به ڪيا وڃن ته اھو سڀ اھا پروپيگنڊا آھي. پيپلز پارٽيءَ مٿان ان قسم جا تعصب ڀريا تبصرا نوان ناھن. پر اھا صورتحال نئين آھي. اڳ ۾ اھو ڪڏھن به نه ٿيو ھو پر ٻار، ٻڍا ۽ عورتون پيپلز پارٽيءَ خلاف اھڙا ٻول ٻولڻ لڳن، جيڪي ڪنهن به پارٽيءَ جي تاريخي تباھيءَ جو سڀ کان وڏو اعلان ھوندا آھن.
پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي سمجھڻ ۾ تمام وڏي غلطي ڪئي آھي. پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي ائين سمجھيو، جيئن ڪو وڏيرو راڄ جي ھارين نارين کي سمجھندو آھي. جن جي لاءِ ھو تمام وڏي تڪبر سان چوندو آھي ته ھي منهنجي کيسي ۾ آھن. ھن وقت سنڌ عملي طور تي ثابت ڪري رھي آھي ته سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي غلام ناھي. سنڌ پنهنجي ڳچيءَ مان اھو طوق لاھي اڇلايو آھي، جنهن کي سياسي وفا جو پٽو سڏيو ويندو ھو. سنڌ پيپلز پارٽيءَ کي وڏي واڪي چئي رھي آھي ته ھن جي پھرين وفا ڀلي ان پارٽيءَ سان ھئي پر ھن جي آخري وفا پنهنجي وطن، پنهجي ڌرتي ۽ پنهنجي ان سرزمين سان آھي، جيڪا درياھ کان سواءِ زندھ رھي نه ٿي سگھي.
ھيءَ سنڌ ساڳي ناھي، جنهن کي مٿي تي ھٿ ڦيري پنهنجو ڪرڻ کٻي ھٿ جو کيل سمجھيو ويندو ھو. ھيءَ ھڪ نئين ۽ بدليل سنڌ آھي. پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن ۽ مشيرن وٽ ڪرپشن جو ڪيترو به پئسو ھجي پر پيپلز پارٽي پنهنجي قيادت سميت ڪٺي ڪيل ناڻي سان سنڌ جي ان جذبي کي خريد ڪري نه ٿي سگھي، جيڪو جذبو ھن مھل سنڌي ماڻھن جي اکين ۾ پوري شدت سان اڀري آيو آھي.