وقتي گورنر لاءِ گورنر هائوس جا در بند: مامرو عدالت پهتو: هاءِ ڪورٽ پاران اويس شاهه کي اجازت

0
21
وقتي گورنر لاءِ گورنر هائوس جا در بند: مامرو عدالت پهتو: هاءِ ڪورٽ پاران اويس شاهه کي اجازت
وقتي گورنر لاءِ گورنر هائوس جا در بند: مامرو عدالت پهتو: هاءِ ڪورٽ پاران اويس شاهه کي اجازت

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه)گورنر هائوس جي عملي وقتي گورنر کي امن امان بابت اجلاس ڪرڻ نه ڏنو، وقتي گورنر ناراض: مامرو هاءِ ڪورٽ پهتو: عدالت پاران وقتي گورنر کي گورنر هائوس ڪتب آڻڻ جي اجازت: ان ڏس ۾ گورنر ڪامران ٽسوري جي ترڪي جي ياترا تي وڃڻ بعد وقتي گورنر بڻيل اويس قادر شاهه گونر هائوس ۾ محرم الحرام ۾ امن امان بابت اجلاس طلب ڪيو، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، سي ڊي ٽي سميت ڪراچي جا 4  ڊي آءِ جيز  ۽ ٻيا عملدار گورنر هائوس پهچي ويا، گورنر هائوس جي عملي پاران چاٻيون ڪامران ٽسوري پاران کڻي وڃڻ جو چئي آفيس کولڻ کان لاچاري ظاهر وئي. اهڙي صورتحال ۾ وقتي گورنر اويس قادر شاهه سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گورنر واري آفيس بند ڪرڻ مذاق آهي،کيس آئيني ڪم کان روڪي نٿو سگهجي، هن چيو ته گورنر هائوس جو عملو سنڌ حڪومت کان پگهار وٺندو آهي, گورنر هائوس ۾ امن امان  بابت ڪوٺايل اجلاس ۾ رڪاوٽون وجهڻ شرم جوڳو عمل آهي، هن وڌيڪ چيو ته گورنر هائوس جو عملو ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا کيس گورنر جي عهدي جا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪيندو رهيو آهي، ٻئي طرف  وقتي گورنر اويس شاهه پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي  پٽيشن داخل ڪرائڻ بعد عدالت لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري وقتي گورنر کي گورنر هائوس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت لکت واري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته پٽيشنر (وقتي گورنر) کي ڪيترائي ڀيرا گورنر هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، وقتي گورنر گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اعلي’ سطحي ميٽنگ سڏرائي هئي، درخواستگذار کي گورنر هائوس جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو پاران گورنر هائوس ۾ رسائي نه ڏيڻ تي اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ٿي، لکت واري حڪم ۾وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 104 مطابق وقتي گورنر کي دفتري معاملا هلائڻ لاءِ گورنر هائوس جي استعمال کان نٿو روڪي سگهجي، پرنسپال سيڪريٽري وقتي گورنر کي گورنر هائوس ۾ رسائي روڪي، آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هوڏانهن عدالتي حڪم بعد گورنر آفيس کي وقتي گورنر لاءِ کوليو ويو، آفيس کلڻ بعد اعليٰ سطحي اجلاس ختم ڪيو ويو، آفيسر بنا  ڪنهن بريفنگ جي واپس روانا ٿي ويا.

ڪراچي: سنڌ جي  وقتي گورنر اويس قادر شاهه چيو آهي ته گورنر ھائوس ۾ محرم الحرام ۾ امن امان بابت اجلاس ۽ بريفنگ رکيل ھئي، گھرو وزير، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سميت ٻيا عملدار پڻ گورنر هائوس ۾ موجود هئا. اسان کي گورنر هائوس جي عملي چاٻي ڪامران ٽسوري پارن ترڪي کڻي وڃڻ جو چئي گورنر هائوس استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گورنر ھائوس کي ذاتي اوطاق طور ھلايو پيو وڃي، جن وٽ جيترا وڏا عھدا ھجن، دل به ايتري وڏي رکڻ گھرجي، هن چيو ته آئين جي  آرٽيڪل 104 ۾ لکيل آھي ته اسپيڪر وقتي گورنر ٿيڻ بعد گورنر جا سمورا ختيار استعمال ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته آئون وقتي گورنر طور آئيني عھدي تي آھيان، جنهن کي گورنر هائوس جي عملي پاران چيلنج ڪيو ويو، هن چيو ته هتي ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪجهه ٿي رھيو آھي، اھو سڀڪو ڄاڻي ٿو، گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو آءَ جي ۽ گھرو وزير جي موجودگي ۾ چيو هو ته گورنر ڪامران ٽسوري گورنر هائوس جون چاٻيون کيسي ۾ کڻي ترڪي گھمڻ ويو آهي، هن چيو ته  آئيني عھدي کي عزت نه ڏيڻ سان مسئلا ٿيندا آھن، هن چيو ته  عدالتي حڪم سان آئين جي بالادستي ٿي، هاڻ جيڪو آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندو، انھي خلاف آئيني قدم کڻندس، هن چيو ته وڏي وزير کي لکندس ته وقتي گورنر لاءِ مسئلا پيدا ڪندڙ عملي کي ھٽايو وڃي.

اويس شاهه لاءِ عزت اٿم :  ٽسوري پاران جاچ جو حڪم

ڪراچي: ترڪي ياترا تي ويل گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته گورنر هائوس هميشه عوام لاءِ کليل هوندو آهي، اويس قادر شاهه اسپيڪر توڙي ذاتي حيثيت ۾ قابل احترام آهي، هن پرنسپل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته وقتي گورنر سان پيش آيل  واقعي جي 24 ڪلاڪن اندر جاچ مڪمل رپورٽ ڏني وڃي.ٻئي طرف گورنر هائوس جي ترجمان چيو آهي ته قائم مقام گورنر اويس قادر شاهه صورتحال کي غلط سمجهيو، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ ٻيا آفيسر اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪانفرنس روم ۾ موجود هئا،ترجمان چيو ته قائم مقام گورنر لاءِ هڪ خاص آفيس اڳواٽ تيار ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن وقتي گورنر جو مرڪزي آفيس استعمال ڪرڻ جو ارادو هو ته بروقت اطلاع ڏنو وڃي ها ته انتظام ڪيا وڃن ها.

ٽسوري پاران آفيس جون چاٻيون ترڪي کڻي وڃڻ وارو بيان ناهي ڏنو:  ساجد جمال ابڙو

ڪراچي: گورنر هائوس جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو چيو آهي ته مون گورنر ٽسوري پاران آفيس جون چاٻيون ترڪي کڻي وڃڻ وارو بيان ناهي ڏنو، ميڊيا تي اهڙي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مون وقتي گورنر سميت ڪنهن کي به اهو ناهي چيو ته گورنر ڪامران ٽسوري چاٻيون کڻي ويو آهي. هن چيو ته ميڊيا تي منهنجي نالي سان هلندڙ بيان جي ترديد ڪريان ٿو.