اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي بينچ تبديلي تي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعاجز اسحاق خان سوال اُٿاري ڇڏيا. رمارڪس ڏيندي چيو ته وقتي چيف جسٽس وٽ انتظامي سائيڊ تي اهڙو آرڊر جاري ڪرڻ جو اختيار موجود ناهي. ائين نٿو ٿي سگهي ته سنگل بينچ جو ڪيس کڻي ڊويزن بينچ ۾ لڳايو وڃي. هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني بينچز جي تبديليءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجو اصولي موقف آهي ته ڪو ڪيس ان طرح ٽرانسفر نٿو ڪري سگهجي. وقتي چيف جسٽس کي وڃي ٻڌايو ان طرح ڪيسن کي ٻئي بينچز ڏانهن منتقل ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪري.