اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۽ ڊائريڪٽر نيب خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ ڊويزن بينچ سنگل بينچ پاران جاري توهين عدالت جو نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو. وقتي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته جڏهن ڪيس ڊويزن بينچ اڳيان گڏ ٿي ٻڌڻي لاءِ مقرر هو ته پوءِ سنگل بينچ ڪيئن ٻڌڻي ڪري حڪم جاري ڪيو؟ هن معاملي کي پهرين انتظامي سطح تي ڏٺو ويندو. ڊائريڪٽر جنرل ايميگريشن اينڊ پاسپورٽ پاران جسٽس بابر ستار جي حڪم خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن تي ڪالهه جسٽس بابر ستار ٻڌڻي ڪئي ۽ ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۽ ڊائريڪٽر نيب کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو. ان کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي مشتمل بينچ چيف جسٽس سردار سرفراز ڏوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ڊائريڪٽوريٽ اميگريشن اينڊ پاسپورٽ جي وڪيل ڊويزن بينچ کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته جسٽس بابر ستار ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ اٺ صفحن تي مشتمل حڪمنامو به جاري ڪيو آهي. وڪيل جي ٻڌائڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته “مان هن معاملي کي انتظامي سطح تي ڏسندس. ڪيس جڏهن ڊويزن بينچ ۾ گڏ ٿي چڪو هو ته پوءِ توهين عدالت جو نوٽيس ڪيئن جاري ٿي سگهجي ٿو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جسٽس بابر ستار کي نجي اداري لاءِ آرٽيڪل لکڻ ۽ خبرون هلرائڻ جو شوق آهي. پهرين ڏسڻ ڏيو ته سنگل بينچ جي جج آرڊر ڪيئن پاس ڪيو. عدالت سنگل بينچ پاران جاري ڪيل توهين عدالت جو نوٽيس معطل ڪندي انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.