لاهور (م ڊ) وقتي وزيراعليٰ پنجاب حمزه شهباز  جي 60 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو، 41 وزير، خاص نمائنده، خصوصي معاون ۽ صلاحڪار شامل آهن، گورنر هائوس پنجاب ۾ حلف برداري  جي تقريب ٿي، گورنر بليغ الرحمان نئين ڪابينا جي ميمبرن کي حلف کڻايو، 60 رڪني ڪابينا ۾ 41 وزيرن، 5 خاص نمائندا، 4 صلاحڪار، 5 خاص معاون، جڏهن ته هڪ وزيراعليٰ جو سياسي صلاحڪار شامل آهي، وقتي وزيراعليٰ پنجاب اتحادين سان مشاورت بعد ڪابينا جوڙي، جنهن ۾ 3 عورتن کي به شامل ڪيو ويو آهي، حلف کڻندڙ وزيرن ۾ ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان، بلال ياسين، خواجا عمران نذير، خواجا سليمان رفيق، ملڪ احمد خان، سردار اويس لغاري شامل آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي جا 3 وزير به شامل آهن، ان کانسواءِ رانا محمد اقبال، مهر اعجاز، ملڪ نديم ڪامران، رانا مشهود، حسن مرتضيٰ، علي حيدر گيلاني، خليل طاهر سنڌو، ثانيه عاشق، عظميٰ بخاري، اسد کوکر، مجتبيٰ شجاع الرحمان، جهانگير خانزاده، بلال اصغر وڙائچ ۽ فدا حسين وٽو به حلف کنيو.