اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ وفاقي ملازمتن ۾ مقرر صوبائي ڪوٽا ۾ سڄي ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا نظر انداز  ٿيڻ جي جو انڪشاف ٿيو آھي، سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ڪوٽا کان 35 هزار ملازم گهٽ مقرر ٿيل آھن، جڏهن ته ٻئي نمبر تي بلوچستان جي ڪوٽا جي لتاڙ ڪندي 10 هزار ملازم گهٽ مقرر آهن،  وفاقي ملازمتن ۾ پنجاهه سيڪڙو ڪوٽا رکندڙ پنجاب ۽ اسلام آباد مان پنجاهه سيڪڙو ڪوٽا کان به 5 هزار ملازم وڌيڪ ڀرتي ٿيل هجڻ جي انڪشاف ٿيو آھي. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آھي ته ڪي پي ڪي صوبي مان مقرر ڪوٽا کان هڪ لک 12 هزار ، شهري سنڌ مان مقرر ڪوٽا کان 8 هزار  ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل آھن تفصيل موجب  وفاقي حڪومت پاران وفاقي ملازمن بابت سال 2022-23ع جي رپورٽ جي جاري ڪئي وئي آھي . رپورٽ مطابق وفاقي حڪومت ۾ ڪل 9 لک 47 هزار 610 ملام ڪم ڪري رهيا آھن جن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ 5 لک 90 هزار 585 ملازم ۽ خودمختيار ، نيم خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 3 لک 57 هزار 25 ملازم ڪم ڪندڙ شامل آھن . 9 لک 47 هزار 610 ڪم ڪندڙ وفاقي ملازمن ۾  سنڌ ٻهراڙي لاءِ مقرر 11.4 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان 1 لک 7 هزار 685 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها پر وفاقي ملازمن ۾ سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ٿيل ملازمن جو ڪل تعداد جاري ڪيل رپورٽ ۾ 72120 ڄاڻايو ويو آھي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن سوڌو آئيني ادارن ۾ سنڌ ٻهراڙي مان 39811 ۽ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 32309 سنڌ ٻهراڙي مان ڪم ڪندڙ شامل آھن ان حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ڪوٽا کان 35 هزار 565 ملازم گهٽ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي . رپورٽ ۾ ڄاڻايل ڪم ڪندڙ ڪل وفاقي ملازمن ۾ شهري سنڌ جي لاءِ مقرر 7.6 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان 71790 ملازم مقرر هجڻ گهرجن پر شهري سنڌ مان مجموعي طور تي 80145 ملازم مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي جن ۾ وفاقي حڪومت، ان جي ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 41808 ، خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 38337 ڪم ڪندڙ ملازم شامل آھن اهڙي ريت سنڌ شهري مان ڪوٽا کان 8355 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي . وفاقي ملازمتن ۾ بلوچستان صوبي لاءِ 6 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ٿيل آھي رپورٽ ۾ ڄاڻايل ڪم ڪندڙ مجموعي وفاقي ملازمن ۾ بلوچستان مان مقرر ڪوٽا جي حساب سان 56676 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها پر بلوچستان مان مجموعي طور تي مقرر ملازمن جو تعداد 45906 ڄاڻايو ويو آھي جن ۾ وفاقي حڪومت ، ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 29479 ۽ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ بلوچستان مان 16427 ملازم مقرر ٿيل شامل آهن ان ريت بلوچستان مان مقرر ڪوٽا کان 10770 ملازم گهٽ مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي . ڪم ڪندڙ نو لک 47 هزار 610 ملازمن ۾ پنجاهه سيڪڙو مقرر ڪوٽا جي حساب سان پنجاب صوبي ۽ اسلام آباد مان 4 لک 72 هزار 305 ملازم مقرر هجڻ گهرجن پر پنجاب ۽ اسلام آباد مان پنجاهه سيڪڙو مقرر ڪوٽا کان به وڌيڪ 4 لک 77 هزار 771 ملازم مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي ائين پنجاب مان مقرر ڪوٽا کان 5466 ملازم وڌيڪ مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي پنجاب صوبي ۽ اسلام آباد  مان وفاقي حڪومت ، ماتحت اداران ۽ آئيني ادارن ۾ 2 لک 72 هزار 773 ۽ خودمخيتار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 2 لک 4 هزار 998 ملازم مقرر ٿيل ڄاڻايا ويا آھن . وفاقي ملازمتن ۾ ڪي پي ڪي صوبي جي 11.5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ٿيل آھي رپورٽ ۾ ڄاڻايل ڪم ڪندڙ ڪل وفاقي ملازمن ۾ ڪي پي ڪي صوبي مان 1 لک 8 هزار 630 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن پر ڪي پي ڪي صوبي مان جاري ڪيل رپورٽ  ۾ 2 لک 20 هزار 647 ملازم مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي جنهن سان ڪي پي ڪي صوبي مان مقرر ڪوٽا کان 1 لک 12 هزار 17 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ٿي ٿي ، ڪي پي ڪي صوبي مان وفاقي حڪومت ،ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 1 لک 67 هزار 25 ملازم ۽ خودمختيار ادارن، ڪارپوريشنن ۾ 53 هزار 622 ملازم مقرر ٿيل ٻڌايا ويا آھن.

پنجاب جي  هر وفاقي اداري ۾ هڪ هٽي: 50سيڪڙو وڏا عهدا به مليل

اسلام آباد : وفاقي ملازمن بابت جاري رپورٽ ۾ پنجاب جي هڪ هٽي هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته فيڊرل سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن مان پنجاب صوبي مان 66.65 سيڪڙو ملازم ڪم ڪري رهيا آھن، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ 59.09 سيڪڙو ، سول آرمڊ فورسز جي ماتحت ادارن ۾ 58 سيڪڙو، آئيني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن پنجاب صوبي مان ڪم ڪندڙ ملازم 54 سيڪڙو آھن جڏهن ته خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ ڪم ڪندڙ ڪل ملازمن ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد مان ڪم ڪندڙ ملازم 57.42 سيڪڙو آھن.

 

اسلام آباد: وفاقي ملازمن بابت جاري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته وفاقي حڪومت، ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين مجموعي طور تي ڪم ڪندڙ 27011  آفيسرن ۾ اڪيلي  پنجاب ۽ اسلام آباد مان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ يعني 16136 آفيسر مقرر آھن جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا  سنڌ صوبي مان مجموعي طور تي 4204 آفيسر مقرر آھن، جن ۾ 2398 ٻهراڙي ۽ 1806 شهري سنڌ مان مقرر ٿيل آھن جڏهن ته ڪي پي ڪي مان گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين 4141 بلوچستان مان 1179 آفيسر ڪم ڪري رهيا آھن. رپورٽ مطابق گريڊ 22 جي ڪم ڪندڙ 91 سيڪريٽرين ۾ 53 پنجاب ،20 سنڌ مان جن ۾ 10 ٻهراڙي ۽ 10 شهري سنڌ سان تعلق رکن ٿا جڏهن ته   12 ڪي پي ڪي ،۽ چار بلوچستان مان مقرر ٿيل آھن. گريڊ 21 ۾ ڪم ڪندڙ 394 آفيسرن ۾ 203 پنجاب ، سنڌ مان 82 جن ۾ 39 ٻهراڙي سنڌ ۽ 43 شهري سنڌ سان تعلق رکندڙ آفيسر شامل آھن. گريڊ 21 ۾ ڪي پي ڪي مان 74 ۽ بلوچستان مان 18 آفيسر آھن، گريڊ 20 ۾ ڪل 1125 ملازم ڪم ڪن ٿا جن ۾ 655 پنجاب ، سنڌ ٻهراڙي مان 108 ، شهري سنڌ مان 79 ، ڪي پي ڪي مان 164 ، بلوچستان مان 53 آفيسرن آھن. گريڊ 19 ۾ ڪم ڪندڙ 3035 آفيسرن ۾ پنجاب مان 1823 ، سنڌ ٻهراڙي مان 280 ، شهري سنڌ مان 160 ، ڪي پي ڪي مان 483 ، بلوچستان مان 125 آفيسر مقرر آھن گريڊ ۾ 7920 آفيسر ڪم ڪري رهيا آھن جن ۾ پنجاب مان 4619 ،سنڌ ٻهراڙي مان 711 ، سنڌ شهري مان 556 ، ڪي پي ڪي مان 1244 ، بلوچستان مان 386 آفيسر آھن اهڙي ريت گريڊ 17 ۾ 14446 آفيسر ڪم ڪري رهيا آھن جن ۾ پنجاب مان 8783 ، سنڌ ٻهراڙي مان 1250 ، سنڌ شهري مان 958 ، ڪي پي ڪي مان 2164 ، بلوچستان مان 593 آفيسر ڪم ڪري رهيا آھن. اهڙي ريت خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ مجموعي طور تي گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين 57478 آفيسر ڪم ڪري رهيا آھن جن ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد مان 29 هزار 341 ، سنڌ ٻهراڙي مان 6907 ، سنڌ شهري مان 8748 ، ڪي پي ڪي مان 7350 ، بلوچستان مان 2980  آفيسر ڪم ڪري رهيا آھن.

فاٽا ۽ آزاد ڪشمير لاءِ گهٽ: گلگت کي وڌيڪ نوڪريون

اسلام آباد :وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته  وفاقي حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي ملازمن 9 لک 47 هزار 610 ملازمن ۾ فاٽا جي ٽي سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان اڳوڻي فاٽا مان 28338 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها پر فاٽا مان مقرر ملازمن جو رپورٽ ۾ تعداد 27854 ڄاڻايو ويو آھي ان حساب سان فاٽا جي ڪوٽا کان معمولي طور تي 484 ملازم گهٽ  مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ٿي، جڏهن ته وفاقي ملازمتن ۾ گلگت جي ڪوٽا هڪ سيڪڙو مقرر ٿيل آھي ان حساب سان ڪم ڪندڙ ڪل ملازمن ۾ گلگت مان 9446 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها پر رپورٽ موجب گلگت مان 10886 ملازم مقرر ٿيل آھن ائين گلگت مان ڪوٽا کان 1440 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ٿئي ٿي وفاقي ملازمتن ۾ آزاد ڪشمير جي ٻه سيڪڙو ڪوٽا مقرر ٿيل آھي جنهن حساب سان ڪم ڪندڙ ڪل وفاقي ملازمن ۾ آزاد ڪشمير مان 18892 ملازم مقرر هجڻ گهرجن پر رپورٽ موجب آزاد ڪشمير مان مجموعي طور تي 12281 ملازم ڪم ڪري رهيا آھن ائين آزاد ڪشمير مان به مقرر ڪوٽا کان 6611 ملازم گهٽ مقرر ٿيل ڄاڻايا ويا آھن.

 

سنڌ جي مجموعي ڪوٽا 19 سيڪڙو، 13 سيڪڙو ملي سگهي

اسلام آباد : وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ صوبي جي مجموعي ڪوٽا 19 سيڪڙو آھي پر وفاقي ملازمن بابت جاري رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آھي ته وفاقي حڪومت جي ڪم ڪندڙ ڪل  سول ملازمن ۾ سنڌ صوبي مان مجموعي طور تي رڳو 13.82 سيڪڙو ملازم مقرر آھن.