اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ گريڊ 20، 21 ۽ 22 جي ڪم ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل پيش ڪيا ويا, جنهن ۾ پنجاب صوبي مان پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ آفيسر مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي، گريڊ 21 ۾ مقرر آفيسرن ۾ ڪي پي ڪي کان سنڌ کان وڌيڪ آفيسر مقرر هجڻ جو انڪشاف ٿيو, تفصيل موجب قومي اسيمبلي ۾ اسٽبلشمينٽ ڊويزن پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي سوال جو لکت ۾ قومي اسمبلي ۾ جواب پيش ڪريو آھي جواب ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آھي ته گريڊ 20،21 ۽ 22 ۾ مجموعي طور تي وفاقي حڪومت ۾ 1527 آفيسر ڪم ڪري رهيا آھن، جن مان اڌ کان وڌيڪ اڪيلي پنجاب صوبي مان آفيسر مقرر ٿيل آھن، گريڊ 20 کان 22 تائين اسلام آباد مان 52، پنجاب مان 834 ، سنڌ صوبي مان مجموعي طور 255 آفيسر مقرر ٿيل آھن جن ۾ سنڌ ٻهراڙي مان 140 ۽ سنڌ شهري مان 115 آفيسر مقرر ٿيل آھن، ائين گريڊ 20 کان 22 تائين ڪي پي ڪي مان 246، بلوچستان مان 58، آزاد ڪشمير مان 28، گلگت مان 11 ۽ فاٽا مان 43 آفيسر مقرر ٿيل آھن، قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آھي ته گريڊ 22 ۾ ڪل 87 آفيسر مقرر ٿيل آھن جن مان 3 اسلام آباد ، 54 پنجاب مان آفيسر مقرر ٿيل آھن گريڊ 22 ۾ سنڌ صوبي مان ڪل 16 آفيسر مقرر ٿيل آھن جن ۾ 9 جو تعلق ٻهراڙي سنڌ ۽ 7 جو تعلق شهري سنڌ سان آھي، گريڊ 22 ۾ ڪي پي ڪي مان 10 بلوچستان مان 2 ، آزد ڪشمير ۽ فاٽا مان هڪ آفيسر مقرر ٿيل آھي، پيش ٿيل جواب مطابق گريڊ 21 ۾ ڪم ڪندڙ 378 آفيسرن ۾ اسلام آباد مان 10 پنجاب مان 184 ، ڪي پي ڪي مان 77 ، بلوچستان مان 16 ۽ سنڌ مان 72 جن ۾ 34 ٻهراڙي سنڌ ۽ 38 شهري سنڌ مان آفيسر شامل آھن، گريڊ 20 ۾ ڪم ڪندڙ ڪل 1062 آفيسرن مان اسلام آباد مان 39 ، پنجاب مان 596 ، ڪي پي ڪي مان 159 ۽ سنڌ مان 167 آفيسر مقرر آھن جن ۾ 97 ٻهراڙي سنڌ ۽ 70 شهري سنڌ مان مقرر آفيسر شامل آھن.