ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن جو ڌرڻو اڄ ٽئين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، هاڻي اهو صرف وڪيلن جو ڌرڻو نه آهي، هاڻي سڄي سنڌ، ڪينالن خلاف جدوجهد ڪندڙ سمورين جماعتن پنهنجي سگهه ان ڌرڻي ۾ شامل ڪري ڇڏي آهي. هاڻي ته جيڪي پنجاب ڏانهن اچ وڃ جا متبادل رستا هئا، اتي به ڌرڻا هڻي اهي به بند ڪيا ويا آهن. پنجاب ۾ پيٽرول سميت مختلف شين جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. صورتحال ڏينهون ڏينهن ابتريءَ ڏانهن وڌي رهي آهي پر پنجاب ۽ وفاق جا “بيربل ثاني” وزير زهريلن ۽ غير منطقي بيانن ذريعي ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙن بيانن سان نفرتون گهٽجڻ بدران ويتر وڌي رهيون آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهي پنهنجن زهريلن ۽ نفرتن ۾ ٻڏل بيانن سان صورتحال کي وڌيڪ سنگينيءَ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن. انهن وزيرن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هي نه ئي ستر وارو ڏهاڪو آهي، نه ئي اهڙيون حالتون آهن، جو هر شئي آسانيءَ سان ڦٻي وڃي. ڪو سپهه سالار ائين چوي ته کيس اوڀر پاڪستان جي صرف سرزمين کپي، ماڻهو نه کپن ۽ سياسي اڳواڻ گڏيل قومن ۾ اهي بيان ڏئي ته، “اسان اوهان کي ‘سونار بنگلا’ نه ڏينداسين ۽ ٻئي ڏينهن خبر پوي ته، “چڙيان چُگ گئين کيت”.
ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻو محض احتجاج نه آهي، هي جيئاپي لاءِ دانهن آهي، جنهن جو مشاهدو انتهائي سنجيدگيءَ سان ڪري رهي آهي. هيءَ دانهن ان ٺوٺ درياءَ جي آهي، جتي واري پئي اڏامي. دريائن ۾ ته پاڻي هوندو آهي. دريا جو تصور ئي پاڻيءَ سان جڙيل آهي. واريءَ جون ته ڀٽون هونديون آهن، واريءَ جا دريا نه هوندا آهن. پنجاب جي واريءَ جي ڀِٽن ۽ بيابانن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سنڌوءَ کي واريءَ جون ڀِٽون بڻايو ويو آهي، زرخيز زمينن کي بُٺ ۽ بنجر بڻايو پيو وڃي. سنڌوءَ جو پاڻي کسيو ويو آهي. پاڻي محض هيڊروجن ۽ آڪسيجن جو مرڪب ئي نه آهي پر پاڻي جيئاپو آهي، پاڻي جيئاپي جو جواز آهي، پاڻي سُک ۽ سُڪار آهي، پاڻي خوشي ۽ خوشحالي آهي. سنڌوءَ تي ڌاڙو اهڙو گهڻ طرفو ڌاڙو آهي، جنهن جو سج وزيرن جي بيانن واري کاري هيٺان لڪي نٿو سگهي. حيرت اها آهي ته وفاقي حڪومت به انهن سياسي ڪرتب بازن ۽ لفظن کان پيٽرول ۽ تيليءَ جو ڪم وٺندڙن کي ٻوٿاڙو ٻڌڻ جي ضرورت محسوس نه پئي ڪري، اهو ڄاڻندي به ته، پاڪستان ھڪ وفاقي ملڪ آھي، جيڪو ڪيترين ئي ٻولين، ثقافتن ۽ نسلن تي مشتمل آھي. اھڙيءَ طرح جي گوناگوني سماج ۾ وحدت قائم رکڻ لاءِ صوبن جي وچ ۾ ڀائيچاري، سهڪار ۽ باهمي عزت تمام ضروري آھي. پر افسوس جي ڳالهه اھا آھي ته پنجاب ۽ وفاق طرفان اهڙي روش روا رکي پئي وڃي، جيڪا وفاقي ڍانچي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿي. اھو واضح آھي ته وفاقي نظام ۾ سڀني اڪائين جي وچ ۾ توازن، برابري ۽ احترام وفاق جي بقا لاءِ لازمي آهي، پر هتي ڏسجي ته، وفاق ۽ پنجاب “هئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا”.
تاريخي مشاهدا ثابت ڪن ٿا ته جڏهن به ڪن علائقن يا قومن سان نا انصافي ڪئي وئي، يا انهن کي نظرانداز ڪيو ويو، ته اتي ناراضگي، مايوسي ۽ جدا ٿيڻ جي خواهش پيدا ٿي. اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ وارو سانحو اڄ به اسان لاءِ هڪ سبق آهي. سنڌ جي حوالي سان اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته، سنڏ جي ماڻهن خوف کي فتح ڪري ورتو آهي ۽ جيڪا قوم خوف کي فتح ڪري وٺي ٿي، تنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت مطيع بڻائي نٿي رکي سگهي. ان ڪري هوش ۽ حواس کان ڪم وٺندي ڪينالن خلاف سنڌ جي احتجاج کي سنجيده ورتو وڃي. هي “کپي” جي جواب ۾ “نه کپي” چوڻ وارن جو احتجاج ڪونهي، جيئن تاثر ڏنو پيو وڃي. ها هي، “ڪينال نه کپن” چوڻ وارن جو احتجاج آهي، جنهن کي سنجيده ورتو وڃي. ائين نه ٿئي، جو گهڻي دير ٿي وڃي. سنڌ جو جائز مطالبو تسليم ڪيو وڃي.