ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪري جامع پريزينٽيشن تيار ڪئي وڃي، جيڪا ايندڙ مهيني بيجنگ ۾چيني اختيارين سان ٿيندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي، ڪي سي آر، بي آر ٽي ۽ سندس فيڊر منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ئي ڪراچي جو ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ٿيندو، ٽرانسپورٽ کاتي بابت اجلاس م ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي فنڊنگ سان هلندڙ 20.9 ڪلوميٽر ڊگهو بي آر ٽي گرين لائين منصوبو ايندڙ سال سنڌ حڪومت حوالي ٿيندو، وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته گرين لائين بسن لاءِ ايس او پيز تيار ڪري انهن جو لاڳيتو معائنو ڪيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گرين لائين رٿا صابري نهاري چوڪ، ايم اي جناح روڊ (ٽاور ) تائين تعمير ٿيڻي هئي، جنهن کي نمائش تي ختم ڪيو ويو . جنهن تي وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي اهو معاملو وفاقي حڪومت سان اٿاري رٿا کي ٽاور تائين مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪن. ٻئي طرف نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جناح اسپتال جو اوچتو دورو ڪري ايمرجنسي شعبي ۽ رڌڻي جو معائنو ڪيو، هن باٿ رومن جي خراب حالت تي ناراضپو ظاهر ڪندي صفائي جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي