وفاق کان گهٽ فنڊن جي شڪايت آهي، سنڌ ۾ ٻار مرڻ جي ناڪاري مهم هلائي وڃي ٿي: بلاول

0
29
شهيد فاضل مزاحمت جي علامت ۽ هارين جي حقن جو علمبردار هو: بلاول ڀٽو زرداري
شهيد فاضل مزاحمت جي علامت ۽ هارين جي حقن جو علمبردار هو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته فنڊز جي فراهمي تي وفاق سان هميشه شڪايت رهي آهي، ٻارڙن جي موت وارين خبرن کي هروڀرو هاءِ لائيٽ ڪري سنڌ خلاف ناڪاري مهم هلائي ويندي آهي، رڳو ٿر ۾ اها شرح وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ اسان پنهنجن شهرين کي مفت معياري علاج فراهم ڪري رهيا آهيون، خواب آهي ته هر ضلعي ۾ چائلڊ لائيف ايمرجنسي ڊيسڪ جي سهولت فراهم ڪريون ڪالهه هتي  سول اسپتال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ته18هين ترميم کانپوءِ صحت جا ادارا سنڀالڻ صوبن جي ذميواري آهي، فخر آهي ته سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ  ۾ وفاق کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته  سنڌ ۾ ٻارن جي موت جي شرح 1.2 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ اها شرح 1.4 سيڪڙو آهي، رڳو ٿر ۾ ٻارن جي موت جي شرح وڌيڪ آهي. هن چيو ته يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ڪراچي  ۽ لاڙڪاڻي جي سول اسپتالن جي معيار کي تسليم ڪيو،  ساڳئي  يونيورسٽي سنڌ ۾ ٻارڙن جي موت جي شرح گهٽ هجڻ کي به تسليم ڪيو. اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي ته نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح سول اسپتال ڪراچي جي آغا خان اسپتال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ اهو طئه  ٿيو ته صحت جون سهولتون صوبن کي ڏيڻيون آهن، اين آءِ سي ايڇ ۽ ايس آءِ يو ٽي جون سهولتون سڄي ملڪ ۾ ڪامياب آهن، انتظاميا جو ڪم رڳو سهولتون ڏيڻ آهي، انهي کانپوءِ سڄو ڪردار ڊاڪٽرن ۽ عملي جو هجي ٿو، جنهن بهتر خدمتون ڏنيون آهن.