حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ سنڌو درياھ جو ڪيس ملڪ جي سمورن آئيني فورمن تي وڙھڻ ۽ ڳالھ نه ٻڌڻ جي صورت ۾ وفاقي سرڪار کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. سنڌ جي سول سوسائٽي کي ڪئنالن واري معاملي کي رد ڪرائڻ لاء سمورين جماعتن کي ھڪ پليٽ فارم ۽ ھڪ نعري ھيٺ گڏ ڪري ڪالاباغ ڊيم جھڙي تحريڪ ھلائڻ لاء قيادت ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھه گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته موجوده وفاقي سرڪار پيپلز پارٽي جي ووٽن تي بيٺل آھي، ڪئنالن واري معاملي تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۾ ھڪ منٽ به نه لڳندو پر پيپلز پارٽي سنڌو درياھ جو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل سميت سمورن آئيني فورمن تي وڙھندي. سنڌ سرڪار سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف وفاقي سرڪار کي سي سي آء جو اجلاس گھرائڻ لاء خط لکي ڇڏيو آھي. جڏھن ته پيپلز پارٽي ڪئنالن واري معاملي جو ڪيس سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ به کڻي وئي آھي، ھن چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي جيڪڏھن پيپلز پارٽي جي آئيني فورمن تي ڳالھ نه ٻڌي وئي ته پوء وفاقي اقتدار کان ڌار ٿيڻ ۾ دير نه ڪنداسين. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پ پ مخالف ڪئنالن وارو معاملي تي پنھنجو سياسي دڪان ھلائڻ لاء پ پ تي اجائي تنقيد ۽ واويلا ڪري رھيا آھن. جيڪي چون ٿا ته پيپلز پارٽي ڪئنالن جي حمايتي آھي انھن جي اجلاس ۾ شامل اڳواڻ پاڻ گرين پاڪستان منصوبي جي حمايت ڪري رھيا آھن. جنھن جي ڳالھ جي ڊي اي ۾ شامل ھڪ جماعت جي اڳواڻ پاڻ ڪيون آھن. ھن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياھ تي وڌيڪ ڪوبه ڪئنال قبول ڪرڻ لاء تيار ناھي، ان معاملي تي سنڌ جي عوام جي ھلندڙ جدوجھد کي سلام پيش ڪيون ٿا. ھن چيو ته ڪئنالن واري اھم مسئلي تي ماضي جيان ڪالاباغ ڊيم خلاف هلايل گڏيل تحريڪ ھلائڻ جي ضرورت آھي. ھاڻ وقت اچي ويو آھي ته سنڌ جون سموريون جماعتون سنڌو درياھ کي بچائڻ لاء سياست کان ھٽي ڪري ڪئنالن خلاف ھڪ پيج، ھڪ پليٽ فارم، ھڪ نعري ۽ ھڪ تقرير تحت گڏجي ھلڻ جي ضرورت آھي. ان لاء سنڌ جي سول سوسائٽي اڳيان اچي قيادت ڪري سڀني کي گڏ کڻي ھلي ۽ ڪمون شھيد وٽ سنڌ پنجاب دنگ تي ماضي جيان موجوده وقت ۾ ڪئنالن خلاف ڌرڻو ھڻجي. ھن چيو ته جڏھن صدر مملڪت آصف علي زرداري گڏيل پارليامنيٽ جي اجلاس ۾ صدارتي خطاب دوران سنڌو درياھ تي ڪئنالن واري رٿا کي رد ڪري چڪو آھي، پ پ چيئرمين قومي اسيمبلي کان ويندي ھر جلسي تقرير ۾ سرعام ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو بار بار اعلان ڪري رھيو آھي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آھي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ چاھي ته پي ٽي آء وارا پنھنجي مسئلي جو جواز ڄاڻائي واڪ آئوٽ ڪري ڀڄي ويا. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جڏھن سسٽم ۾ پاڻي موجود ناھي ته پوء ڪئنال ڪيئن ٿا ٺھي سگھن. نواز ليگ پنھنجي صوبي ۾ پنھنجي مفادن جي سياست ڀلي ڪري پر سنڌ جي عوام جو ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوء سنڌ جي ماڻھن به ھٿن ۾ چوڙيون پاتيون ناھن. ھن چيو ته ماضي ۾ سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ شامل پارٽيون قوم کان معافي وٺن، پيپلز پارٽي اڄ به سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھي رھي آھي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ پاشا قاضي، سڪندر حيات راجپوت، دانيال ابڙو ۽ ٻيا ساڻس گڏ موجود ھئا.